لاھور /اسلام آباد(عمران شفقت)گجرات کان لنڊن ويندڙ انڊين اڏام گذريل ڏينھن ڏيڍ کان 2 وڳي جي وچ ڌاري ايئرپورٽ جي ويجھي بادي ۾ ڪري تباھ ٿي ويوآھي. خدشو آھي تھ ڪٿي ان جو الزام بھ پاڪستان مٿان نھ لڳايو وڃي. ڇاڪاڻ تھ نريندر مودي جو ماضي اھڙين حرڪتن سان ڀريل آھي.جيستائين ھن کي باضابطا طور تي حادثو تسليم نھ ٿو ڪيو وڃي تيستائين اھو خدشو موجود رھندو.مودي سياسي فائدو ماڻڻ لاءِ پنھنجي ئي ملڪ اندر نسل ڪشي ڪرائيندو آھي مختلف قوميتن وچ ۾ نسلي فساد بھ ڪرائيندو آھي. 242 ماڻھن جي مارجڻ واري خبر انتھائي افسوسناڪ آھي اميد آھي تھ ان جي انڪوائري ڪرائي ويندي پر تيستائين خدشو موجود رھندو.ٻئي پاسي جنرل عاصم منير آمريڪا پھچي ويوآھي.توڙي جو ھن وقت تائين سرڪاري بيان جاري ناھي ٿيو پر ھتان ھتان اطلاع مليا آھن.ٻئي پاسي پي ٽي آئي آمريڪي چيپٽر پاڪستاني تنظيم سان اعلان بغاوت ڪندي جنرل عاصم منير خلاف احتجاج جو اعلان ڪيوآھي.آمريڪا ۾ موجود پي ٽي آئي اڳواڻن مطابق جتي بھ آرمي چيف ويندو اتي اتي احتجاج ڪيو ويندو . اتي موجود پي ٽي آئي وارا ٽرڪن تي ڊجيٽل مھم بھ ھلائيندا رھندا آھن پر ان سڀ جو عمران خان کي ھڪ ٽڪي جو فائدو ناھي ملڻو.بلڪ نقصان ئي ٿيندوآھي.