سولر پينل تي ٽيڪس، منافعي خورن اڳواٽ رکيل پليٽون مهانگيون ڪري ڇڏيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي بجيٽ ۾ سولر پينل تي 18 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيڻ جي اعلان بعد ئي منافع خورن قيمتن ۾ في ڪلو واٽ 5 کان 7 رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي، شهرين جو چوڻ آهي ته بجلي جي  بدترين لوڊشيڊنگ جي حالتن ۾ سولر لڳائڻ به مشڪل ٿي ويو آهي. درآمد ڪندڙن مطابق ٽيڪس جو بار سڌو سنئون عوام تي وجهي ڇڏينداسين. شهرين جون مشڪلاتون وڌيڪ وڌي ويون آهن. بجيٽ ۾ سولر تي 18 سيڪڙو ٽيڪس جي خبر اچڻ سان ئي منافع خور سرگرم ٿي ويا ۽ گودامن ۾ اڳ ۾ موجود سولر پليٽن جون قيمتون وڌائي ڇڏيون.شهرين جو چوڻ آهي ته صرف ٻن ڏينهن ۾ قيمتن ۾ 75 هزار رپين جو فرق اچي ويو آهي.بجيٽ ۾ 18 سيڪڙو ٽيڪس جي اعلان سان في ڪلو واٽ قيمت 27 رپين مان وڌي 35 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته درآمد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ٽيڪس جو اثر سڌو صارفين تي پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.