ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي مالي سال 2025-26ع جي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي، جنهن جي ماليت 3 هزار ارب رپين کان وڌيڪ هوندي، بجيٽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پيش ڪندا. وقتي گورنر سنڌ اويس قادر شاهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڄ منجهند 3 وڳي طلب ڪيو آهي، ان کان اڳ صبح 10 وڳي سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ جي منظوري ورتي ويندي. بجيٽ ۾ ٽيڪس وصولي جي شرح ۾ واڌ جو امڪان آهي. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ متوقع آهي. نئين مالي سال ۾ ٽرانسپورٽ جا نوان منصوبا شروع ٿيڻ جو به امڪان آهي. سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ۾ واڌ ڪئي ويندي. مختلف کاتن جي ترقياتي اسڪيمن لاءِ 160 ارب رپين جي بجيٽ رکڻ جي تجويز آهي. اندروني معاملن، زراعت، جيلن، توانائي سميت ڏهن کاتن جون 1168 ترقياتي رٿائون شامل آهن. ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ (جن ۾ جيل به شامل آهن) جي 675 اسڪيمن لاءِ 80 ارب رپين جي بجيٽ رکڻ جي تجويز آهي. گهرو کاتي لاءِ 11 ارب، صحت لاءِ 51 ارب، اسڪول ايجوڪيشن لاءِ 8 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي. زراعت، سپلاءِ ۽ اگهن جي نگراني لاءِ 60 اسڪيمن لاءِ 9.7 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي. لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز جي 38 اسڪيمن لاءِ 4.9 ارب رپيا، ڪلچر، سياحت، آثار قديمه ۽ نوادرات لاءِ 44 اسڪيمن لاءِ 2.8 ارب رپيا، اسپورٽس ۽يوٿ افيئرز جي 210 اسڪيمن لاءِ 6.5 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي. سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ڪوآرڊينيشن جي 77 اسڪيمن لاءِ 39 ارب رپين جي بجيٽ تجويز ڪئي وئي آهي. صنعت ۽ واپار لاءِ 1.8 ارب رپيا، انويسٽمينٽ ڊپارٽمينٽ جي 2 اسڪيمن لاءِ 0.4 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي. توانائي ڊپارٽمينٽ جي 16 اسڪيمن لاءِ 12.8 ارب رپين جي بجيٽ ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي 28 اسڪيمن لاءِ 12.7 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي.