شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي) شڪارپور لڳ حاضري تان واپس ويندي ٻن سڳن ڀائرن سميت چار ڄڻا گولين جو بک بڻجي ويا. صبح جو شڪارپور لڳ نيو فوجداري ٿاڻي جي حد شڪارپور ڪورٽ ۾ حاضريءَ بعد گھر واپس ويندڙ سندراڻي برادريءَ جي ٽن ڄڻن نورمحمد ولد لعل محمد ،نظام ولد لعل محمد ،آدم ولد فتح محمد سندراڻي ويٺل ڳوٺ شادي خان سندراڻي ۽ ڪار ڊرائيور رسول بخش معرفاڻي ويٺل ڳوٺ مال پڙي کي ھٿياربندن ڏينهن ڏٺي شڪارپور ٻاھران لاڙڪاڻو روڊ انڊس هاءِ وي تي حملو ڪري ڇڏيو جنھن جي نتيجي ۾ ڪار سوار چارئي ڄڻا ٿڏي تي قتل ٿي ويا. ڏوھاري ھوائي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. اھڙي اطلاع تي سندراڻي برادريءَ جا سوين ماڻهو ۽ پوليس جاء واردات تي پهچي ويا، وارث لاش ٽول پلازا وٽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ايس ايس پي شڪارپور شاھ زيب چاچڙ جي خاطرين تي روڊ کوليو ويو،روڊ کولڻ بعد پوليس پھري لاش سول اسپتال شڪارپور آندا ويا جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا،لاش ڳوٺ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.
-
سندراڻين ۽ بروهين ۾ ٿيل ٺاهه سال به نه هليو
شڪارپور:ھڪ سال اڳ شڪارپور ھائوس تي ٻنھي ڌرين جو جرڳو به ٿيو ھو جنھن ۾ بروھين تي 27 لک رپيا چٽي پئي ھئي جيڪا سندراڻي برادريءَ کي ملڻي هئي فيصلي باوجود ذريعن موجب بروھين فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندي ٻيھر حملو ڪري چئن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو آھي. ياد رهي ته ملڪيت جي معاملي تان بروهي برادري جو چڱو مڙس مامل بروهي سميت 6 ڄڻا مارجي ويا هئا جنهن جو علائقي جي چڱن مڙسن جرڳو پڻ ڪيو. بروهي ۽ سندراڻي تڪرار جو نبيرو شيخ هائوس شڪارپور 29 سيپٽمبر 2024 تي ٿيو، وزير حسين خان جتوئي، علي حيدر محمد حسني، سردار محمد ظفر، مير راشد حسين سندراڻي، مير شمشاد خان سندراڻي جي سرپئنچي ۾ ٿيندڙ نبيري ۾ سندراڻي ڌر طرفان، سردار عابد خان سندراڻي جي پي اي محمد پنهل منگي ۽ بروهي ڌر طرفان گل شير بروهي بيان ڏنا، بيانن بعد ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور هڪ1 ڪروڙ 91 ايڪانوي لک روپيا چٽي وڌي ويئي جنهن ۾ في خون جي قيمت پنجويه لک روپيا جڏهن ته بروهي برادري جي چڱي مڙس محمد بخش بروهي جي خون جي بها پنجاه لک مقرر ڪئي وئي. بروهي ڌر تي چار خون ثابت ٿيڻ تي هڪ ڪروڙ 91 لک روپيا ڏنڊ جڏهن ته سندراڻي ڌر تي بروهي برادري جا ٻه خون ثابت ٿيڻ تي 80 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو ، مجموعي طور خون ۽ ڌرن ۾ پاڙڻ بعد 31 لک روپيا بروهي ڌر سندراڻين ڌر کي ڏيندا نبيري ۾ سخت زخمين جا ڏه جڏهن ته معمولي زخمين جا پنج لک روپيا مقرر ڪيا ويا هئا ۔فيصلي بعد ٻنهي ڌرين فيصلو قبول ڪري ورتو ۽ ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون هيون .
-
سندراڻي برادري جي نوجوان کي ڦر مزاحمت تان قتل ڪرڻ بعد تڪرار شروع ٿيو
شڪارپور:ٽي سال اڳ سندراڻي برادريءَ جي نوجوان کان شڪارپور کان گھر ويندي موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مزاحمت تي نوجوان کي ڦورن قتل ڪيو هو جنهن تان تڪرار شروع ٿي ويو جنهن۾ ھن مھل تائين ٽوٽل 10 ماڻھو قتل ٿي چڪا آهن. جنھن ھڪ بروھي ،ھڪ چنو ،ھڪ معرفاڻي ۽ 7 سندراڻي برادريءَ جا ماڻهو شامل آهن.