پنجاب ڪنھن جي جاگير ناهي،مريم نواز ۾ غرور آهي\شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته اھو تاثر ختم ڪرڻ گھرجي ته پنجاب ڪنھن ھڪ سياسي پارٽي جي جاگير آھي، ھاڻوڪي پنجاب حڪومت جو رويو غرور ڀريو ۽ اُن جي سياست حق تلفين تي ٻڌل آھي، پنجاب سرڪار نفرت ۽ تقسيم در تقسيم جي سياست کي ھوا ڏيڻ لڳي آھي جيڪا ڳالھ افسوس جوڳي آھي. ھڪ بيان ۾ هن  چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جمھوريت تي يقين رکي ٿي، ھن سوال اُٿاريو تھ اسان مڪاني ادارن جي ڳالھ ڪري ڇا غلط ڪيو؟ ڇا مڪاني چونڊن جو مطالبو آئين جي خلاف آھي يا وري پنجاب ۾ عوام کي اُن جو بنيادي حق ڏيارڻ ڏوھ آھي؟  ھن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ھڪ وفاقي پارٽي آھي ۽ اسان رڳو سنڌ تائين محدود ناھيون، پنجاب ۾ اسان جي ڀرپور سياسي موجودگي آھي، اسان جا ڪارڪن اڄ به گھٽي محلن ۾ عوام سان گڏ بيٺا آھن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين  جمھوريت، مقامي حڪومتن ۽ عوامي نمائندگي جي ڳالھ ڪئي آھي، پنجاب ۾ مڪاني  ادارا فعال ناھن، ھيٺيئن سطح تائين ڪوبه جوابدھي وارو نظام موجود ناھي، اُن تي اسان خاموش تماشائي ٿي ويھي نٿا سگھون. ھن چيو ته پنجاب ۾ مڪاني نظام جي بحالي، اختيارن جي ھيٺئين سطح تائين منتقلي عوام جو حق آھي، پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن جو مطالبو ڪندي رھندي، اسان پنجاب جي عوام کي لاوارث ڇڏي نٿا سگھون. هن  چيو ته ن ليگ پنجاب جي مينڊيٽ جي دعويدار آھي ته مڪاني چونڊون ڇو نه ٿي ڪرائي، مڪاني ادارا آئين ۾ موجود آھي، جيڪڏھن پنجاب حڪومت مڪاني ادارن کي نٿي مڃي ته پوءِ اھا آئين سان کيڏاڙ ڪري رھي آھي. ھن چيو ته ملڪ جو سڀني کان وڏو صوبو مڪاني ادارن  بدران ڪمشنري نظام تحت معاملا ھلائي ته اھو افسوسناڪ عمل ۽ جمھوريت جي ابتڙ آھي.

مريم نواز کان سڙڻ بدران سنڌ جي حالت تي رحم ڪريو

عظميٰ بخاري

لاهور(م ڊ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظمىٰ بخاري چيو آهي ته اهي ماڻهو متڪبر ۽ غرور سان ڀرپور آهن، جيڪي ٻه ۽ ٽي مدااقتدار مان لطف اندوز ٿيندا رهيا آهن. جيڪڏهن اوهان جي چوڻ مطابق سنڌ ۾ اوهانسٺو نظام قائم ڪري ڇڏيو آهي ته پوءِ شاباش، هاڻ گهٽ ۾ گهٽ ڪراچيءَ جو ڪچرو ته کڻائي ڇڏيو. پنجاب جي سار سنڀال لاءِ پنجاب جا وارث موجود آهن، اوهان کي سنڌ ۾ ويهي سنڌين جي حالت تي رحم کڻڻ گھرجي.سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ جي بيان تي ردعمل ۾ هن چيو ته مريم نواز پاڪستان جي تاريخ جي پهرين عورت آهي، جيڪا پنجاب جي وڏي وزير طور چونڊجي آئي،مريم نواز عاجزي ۽ خدمت کي پنهنجو شعار بڻايو آهي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو هوءَ عوام ۾ مقبول آهي،هن وڌيڪ چيو ته مريم نواز جي حڪومتي انداز جا سنڌ جا ماڻهو به مداح بڻجي ويا آهن. مريم نواز جي مقبوليت ئي اوهان جو اصل مسئلو آهي. جن ماڻهن جي ڪارڪردگي صفر آهي، اهي ئي مريم نواز سان حسد ۾ مبتلا آهن. جيڪڏهن اوهان ۾ همت آهي ته مريم نواز سان ڪارڪردگيءَ ۾ مقابلو ڪريو، بي فائدہ بيان بازي مان ڪجهه نه نڪرندو،عظمىٰ بخاري وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ اڳ به مضبوط بلدياتي نظام مسلم ليگ (ن) جو ئي ڏنل هو، ۽ انشاءَ الله هاڻ به اهڙو ئي نظام قائم ڪنداسين. جنهن جماعت کي پنجاب جي صوبائي حلقن مان فقط 400 ووٽ ۽ يونين ڪائونسل مان 50 ووٽ ملن ٿا، انهن جو امتحان جلد اچڻو آهي.”

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.