غلام مرتضيٰ جتوئي خلاف ڪيس تي پوليس کي جاچ جي اجازت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران غلام مرتضيٰ جتوئي خلاف نون ڪيسن تي پوليس کي جاچ جي اجازت ڏني وئي. عدالت ڊي ايس پي رينڪ جي آفيسر کي جاچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو. درخواست ۾ چيو ويو ته گهرو وزير جي گهر تي حملي، سرڪاري اهلڪارن کان هٿيار ڦرڻ ۽ ملڪيت کي باهه ڏيڻ جيالزام تحت غلام مرتضيٰ جتوئي خلاف سياسي بنيادن تي ڪيس داخل ڪيا ويا. بئرسٽر عمر سومرو موقف اختيار ڪيو ته عدالت اڳ ئي نون ڪيسن کان روڪي ڇڏيو، تنهن هوندي به نوان ڪيس داخل ڪيا ويا، جيڪي توهين عدالت آهن. ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ٻڌايو ته شهري جي شڪايت تي ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا، پر اڃا ڪارروائي نه ٿي آهي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته ماتحت آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي، پوليس کي رڳو شفاف جاچ ڪرڻي آهي. عدالت چيو ته پوليس جو ڪم امن قائم رکڻ ۽ ثبوتن آڌار الزام جي جاچ ڪرڻ آهي، ۽ درخواست گذار کي تنگ نه ڪيو وڃي.

  1. ڪوٽ غلام محمد ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،8 ڄڻا زخمي،ڇڪتاڻ،پوليس مقرر

ڪوٽ غلام محمد (رپورٽ: شڪيل خاصخيلي) ڪوٽ غلام محمد شھر جي بليدي ڪالوني ۾ ڀرڳڙي برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران لٺيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. واقعي بعد پوليس زخمين کي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار, ڇڪتاڻ سبب پوليس پاران سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو،ڀرڳڙي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو گھٽي مان لنگھڻ تان شروع ٿيو، جيڪو شدت اختيار ڪندي مارڪٽ تائين پهچي ويو. ذريعن موجب  تڪ جي ايم پي اي پاران گذريل ڏينهن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو فيصلو پڻ ڪيو ويو هو، پر ان جي باوجود تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو.جنهن سبب ٻنھي ڌرين جا 8 ماڻهو زخمي ٿي پيا جنهن کي پوليس فوري طور تعلقه اسپتال پھچايو جتي پڻ ٻنھي ڌرين ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي جنهن کي پوليس فوري طور ڪنٽرول ڪري ورتو واقعي بعد بعد ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي  آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.