اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت 175 کربن کان وڌيڪ (17 هزار 573 اربن) جي وفاقي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي، پگھارن 10 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي، گريڊ 1 کان 22 تائين جي وفاقي ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي تجويز آهي، جڏهن ته رٽائرڊ وفاقي ملازمن جي پنشن ۾ 7 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو. اهل ملازمن کي 30 سيڪڙو جي شرح سان ڊسپيئرٽي ريڊڪشن الائونس ڏيڻ جي تجويز به شامل آهي. ان کان سواءِ معذور ملازمن لاءِ اسپيشل ڪنوينس الاؤنس 4 هزار رپين مان وڌائي 6 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، وفاقي حڪومت بجيٽ 2025-26 ۾ آن لائن خريداري تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته مالي سال 26-2025 لاءِ اقتصادي ترقي جي شرح 4.2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، مهانگائي جي شرح 7.5 سيڪڙو، بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 3.9 سيڪڙو، پرائمري سرپلس جي ڊي پي جو 2.4 سيڪڙو هوندو، وفاقي بجيٽ ۾ ايف بي آر جي اوڳاڙين جو ڪاٿو 14 هزار 131 ارب رپيا آهي، ان کانسواءِ دفاعي بجيٽ لاءِ 2559 ارب رپيا رکيا ويا آهن، وفاقي حڪومت جي خالص آمدني 11 هزار 72 ارب رپيا هوندي، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي ڪُل خرچن جو ڪاٿو 17 هزار 573 ارب رپيا آهي، پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام لاءِ هڪ هزار ارب رپين جي بجيٽ رکي وئي آهي، بجيٽ ۾ پگهارن ۾ 10 ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي، جڏهن ته پگهارن تي انڪم ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، ناڻي واري وزير سولر پينل جي درآمد تي 18 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.، درآمد ٿيل ۽ مقامي طور تي تيار ڪيل سولر پينل وچ ۾ مسابقت ۾ برابري يقيني بڻائڻ لاءِ تجويز آهي ته سولر پينل جي درآمد تي 18 سيڪڙو جي شرح سان ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي، سندس چوڻ هو ته اهو قدم پاڪستان ۾ سولر پينل جي مقامي صنعت کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، وفاقي بجيٽ ۾ 850 سي سي تائين جي ننڍين گاڏين تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان قدم جو مقصد پيٽرول، ڊيزل ۽ هائبرڊ گاڏين تي سيلز ٽيڪس ۾ هڪ جهڙائي آڻڻ آهي، بجيٽ ۾ غير رجسٽرڊ ڪاروبار خلاف سخت قدمن جو به اعلان ڪيو ويو آهي، غير رجسٽرڊ ڪاروبار ڪندڙن جا بينڪ اڪائونٽ منجمد ڪيا ويندا ۽ انهن جي ملڪيت جي منتقلي تي پابندي هوندي، جڏهن ته سنگين ڏوهن جي صورت ۾ ڪاروباري هنڌ سيل ۽ سامان ضبط ڪري سگهبو پر لاڳاپيل ڌر کي 30 ڏينهن اندر اپيل جو حق حاصل هوندو، ناڻي واري وزير چيو ته غير ملڪي واپارين کي ڊجيٽل ادائگين تي 5 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي. اهي شيون جن تي اصل ٽيڪس اسٽيمپ يا بار ڪوڊ نه هوندو، اهي ضبط ڪيون وينديون. پيٽرول، ڊيزل ۽ فرنس آئل تي 2.50 رپيا في ليٽر ڪاربن ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي، جيڪا مالي سال 2027 تائين وڌائي 5 رپيا في ليٽر ڪئي ويندي، حڪومت نئين انرجي وھيڪل پاليسي تيار ڪئي آهي، جنهن تحت اليڪٽرڪ گاڏين کي ترجيح ڏني ويندي، اي ڪامرس، ڪوريئر ۽ لاجسٽڪ خدمتون مهيا ڪندڙن تي به 18 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي. پيٽرول، ڊيزل يا هائبرڊ گاڏين تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳايو ويندو، جڏهن ته ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن تي ڪو به ٽيڪس لاڳو نه ڪيو پيو وڃي، ان کان سواءِ پي ايس ڊي پي (پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام) ۾ صحت جي 21 منصوبن لاءِ 14.3 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، مالي وزير محمد اورنگزيب موجب، هلندڙ مالي سال ۾ سيڙپڪاري ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. ايندڙ مالي سال لاءِ معاشي ترقي جو هدف 4.2 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي، مهانگائي (افراط زر) جي اوسط شرح 7.5 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي، بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 3.9 سيڪڙو هجڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پرائمري سرپلس جي ڊي پي جو 2.4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، هن چيو ته، ايف بي آر لاءِ ٽيڪس وصولي جو هدف 14 هزار 131 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، وفاقي آمدني مان صوبن جو حصو 8 هزار 206 ارب رپيا هوندو، نان ٽيڪس آمدني (غير ٽيڪس وارا وسيلن) جو هدف 5 هزار 147 ارب رپيا آهي، وفاقي حڪومت جي خالص آمدني 11 هزار 72 ارب رپيا هجڻ جو امڪان آهي، وفاقي حڪومت جي مجموعي خرچن جو تخمينو 17 هزار 573 ارب رپيا آهي، وفاقي پي ايس ڊي پي (پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام) جو حجم 1000 ارب رپيا رکيو ويو آهي، جڏهن ته دفاعي بجيٽ جو حجم 2550 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، پنشن جي خرچن لاءِ 1055 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، بجلي ۽ ٻين سبسڊين لاءِ 1186 ارب رپيا،بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 716 ارب رپيا، قومي ترقياتي خرچن لاءِ 4224 ارب رپيا رکيا ويا آهن،1000 ارب رپين جي پي ايس ڊي پي مان 328 ارب رپيا ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر لاءِ مختص ڪيا ويا آهن، ان کان سواءِ ڪراچي کان چمن ويندڙ ڊبل روڊ لاءِ 100 ارب رپيا ۽ ڇهن لائن واري سکر-حيدرآباد موٽروي لاءِ 15 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، بجيٽ ۾ ملڪيت جي خريداري تي ود هولڊنگ ٽيڪس جي شرح 4 سيڪڙو مان گهٽائي 2.5 سيڪڙو ۽ 3.5 مان گهٽائي 2 سيڪڙو ۽ 3 سيڪڙو مان گهٽائي 1.5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اهڙي ريت ڪمرشل ملڪيتن، پلاٽن ۽ گهرن جي منتقلي تي گذريل سال لاڳو ڪئي ويندڙ 7 سيڪڙو تائين فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ ملڪيت جي خريداري تي اسٽامپ پيپر ڊيوٽي 4 مان گهٽائي هڪ سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، بجيٽ ۾ ڊيري، ميڊيڪل ۽ سرجيڪل شعبي جي مشينري تي ٽيڪسن ۾ نمايان واڌ ڪئي وئي آهي، کير پروسيسنگ پلانٽس، مال ۽ پولٽري جي ڇپرن، ۽ جانورن جي خوراڪ لاءِ مشينري تي 2 سيڪڙو اضافي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، ڊيري مشينري ۽ پنکن تي 3 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو آهي، ڪينولا، سرنج، باهه وسائڻ وارا اوزار، ۽ جِم جو سامان تي 3 کان 5 سيڪڙو تائين ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي.
ٽيڪس نه ڏيندڙ ڏچي ۾، نه گاڏي وٺي سگهندا نه ڪا جائيداد، بئنڪ اڪائونٽ به نه کُلندو
اسلام آباد (م ڊ) نئين بجيٽ ۾ نان فائلرن پاران رقم ڪڍرائڻ تي ٽيڪس جي شرح وڌيڪ وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، بينڪ مان نقد رقم ڪڍرائڻ تي ايڊوانس ٽيڪس جي شرح 0.6 سيڪڙو کان وڌائي 1 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ نئين بجيٽ ۾ فائلرز ۽ نان فائلرز جي وچ ۾ فرق ختم ڪرڻ جي به تجويز شامل آهي، ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته صرف اهي ماڻهو جيڪي ٽيڪس گوشوارا ۽ ويلٿ اسٽيٽمينٽ جمع ڪرائيندا، تن کي ئي مالي ليندين جي اجازت هوندي، نان فائلرز نه ته ڪا گاڏي خريد ڪري سگهندا، نه ئي غير منقولھ جائيداد وٺي سگهندا، ان کان سواءِ نان فائلرز سيڪيورٽيز ۽ ميُوچل فنڊز ۾ به سيڙپڪاري نه ڪري سگهندا، نان فائلرز کي بينڪ اڪائونٽ کولڻ جي سهولت کان محروم ڪرڻ جي تجويز به بجيٽ ۾ شامل ڪئي وئي آهي.
ٽيڪس اوڳاڙيون وڌائڻ لاءِ ڊجيٽل نظام متعارف
اسلام آباد(بيورو+م ڊ)ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب بجيٽ تقرير ۾ اعتراف ڪيو ته اسان اڌ کان وڌيڪ امڪاني ٽيڪس کان محروم هئاسين،ايف بي آر پاڪستان ۾ ٽيڪس گيپ جو ڪاٿو ساڍا 5ٽريلين رپيا لڳايو آهي،بجيٽ تقرير ۾ هن چيو ته اسان جو سڀ کان اهم معاشي مسئلو اوڳاڙين جي نظام جي مسلسل ڪمزوري هئي،پاڪستان جو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي 10 سيڪڙو هئي جيڪا ترقياتي خرچن ۽ رياست جا انتظامي معاملا هلائڻ لاءِ ناڪافي هئي،هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو معيشت ۽ ٽيڪس نظام وچ ۾ جامع ڊجيٽل انضمام جي شروعات ڪئي وئي آهي
سنڌ ۾ 16 ترقياتي منصوبا سنڌ سرڪار بدران وفاقي هائوسنگ وزارت حوالي
اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال ۾ سنڌ ۾ 16 ترقياتي منصوبا سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ بدران وفاقي وزارت هائوسنگ جي حوالي ڪري ڇڏيا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان قدم کي صوبائي خودمختياري تي حملو قرار ڏنو. نئين مالي سال 2025-26 ۾، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص ۾ 16 ترقياتي منصوبا هائوسنگ واري وفاقي وزارت جي حوالي ڪيا ويا. انهن منصوبن ۾ حيدرآباد ۾ روڊن ۽ سيوريج جي تعمير، ۽ ڪراچي جي سينٽرل، ايسٽرن، ڪورنگي، ملير ۽ اولهه ضلعن ۾ روڊن ۽ سيوريج جي اڏاوت شامل آهن. وفاقي هائوسنگ وزارت جي حوالي ڪيل منصوبن ۾ سکر، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص جي يوسي ۽ وارڊن ۾ پاڻي جي فراهمي، سيوريج لائينن ۽ سولر لائيٽون لڳائڻ شامل آهن. ان ۾ لطيف آباد، حيدرآباد ۾ 6 روڊ تعميراتي منصوبا ۽ ڪراچي جي ڪار بازار، سينٽرل ضلعي ۾ ھڪ پارڪ جي تعمير پڻ شامل آھي. ڊسٽرڪٽ سينٽرل ڪراچي ۾ پاڪ-ايشين فٽبال گرائونڊ جي تعمير، ڊسٽرڪٽ ويسٽ، ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۽ ڪورنگي ۾ انفراسٽرڪچر جي بحالي، ۽ روڊن، پاڻي جي لائينن، سيوريج، پارڪن ۽ راندين جي ميدانن جي تعمير جا منصوبا پڻ وفاقي هائوسنگ وزارت کي ڏنا ويا آهن. حيدرآباد ۾ حسين آباد کان ڪوهسار تائين پاڻي جي فراهمي جي لائن جو ڪم پڻ وفاقي وزارت جي حوالي ڪيو ويو آهي. رڳو 2 منصوبا، گرين لائن بي آر ٽي جي تعمير ۽ گرين لائن بي آر ٽي کي چالو ڪرڻ، سنڌ حڪومت کي ڏنا ويا آهن.
پاڻي وسيلن لاءِ 133 ارب مختص، ڀاشا ڊيم لاءِ 32.7 ارب ۽ ڪي فور رٿا لاءِ سوا 3 ارب رکيا ويا
اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وزير ٻڌايو ته ڀارتي جارحيت ۽ سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي کي نظر ۾ رکندي، پاڪستان پاڻي محفوظ ڪرڻ ۽ ان جي ضايع ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ پاڻي وسيلن بابت وزارتِ ايندڙ ماليسال ۾ 133 ارب رپيا مختص ڪيا آهن، ڪراچي ۾ پاڻي جي منصوبي ڪي فور لاءِ 3 ڏهاڪي 2 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ديامير ڀاشا ڊيم لاءِ 32.7 ارب رپيا، مهمند ڊيم لاءِ 35.7 ارب، آواران پنجگور سميت بلوچستان جي ٻين ڊيمن لاءِ 5 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.
بجيٽ ۾ رکيل رقم سان سکر حيدرآباد موٽروي رٿا مڪمل نه ٿيندي:شرجيل ميمڻ
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجیل انعام ميمڻ چيو آهي ته حيدرآباد-سکر موٽروي نه رڳو سنڌ، پر سڄي پاڪستان لاءِ هڪ اهم نوعيت جو منصوبو آهي، ڪراچي پورٽ کان سڄي ملڪ جيدرآمدات ۽ برآمدات جو دارومدار حيدرآباد-سکر موٽروي تي آهي، ان لاءِ حيدرآباد-سکر موٽروي کانسواءِ ٻيو ڪو موزون رستو ناهي.هڪ بيان ۾ هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ هن منصوبي لاءِ ڪيترائي ڀيرا وفاق کي ياد ڏياريو ۽ خط به موڪليا ويا آهن، تازو ئي وفاقي وزيرن پاران يقين ڏياريو ويو آهي ته هن رٿا لاءِ بجيٽ ۾ رقم مختص ڪئي ويندي.هن واضح ڪيو ته حيدرآباد-سکر موٽروي جي تعمير سنڌ حڪومت جي نه وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي، اسان کي چيو ويو هو ته هي روڊ جلد شروع ڪيو ويندو ۽ جلد مڪمل ڪيو ويندو، پر جيڪا رقم مختص ڪئي وئي آهي ان سان هي منصوبو نه جلد شروع ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي وقت سر مڪمل ٿي سگهندو.هن چيو ته حيدرآباد-سکر موٽروي منصوبي لاءِ صرف "ٽوڪن مني” رکيل آهي جيڪا ڪنهن به اهم منصوبي لاءِ ناڪافي آهي، اهڙن ڊگھي مدي وارن منصوبن لاءِ مڪمل فنڊنگ ڏني ويندي آهي.شرجیل انعام ميمن چيو ته اهڙي نوعيت جا منصوبا عام طور تي ٻن کان ٽي سالن تي ٻڌل هوندا آهن، تنهنڪري گهٽ ۾ گهٽ 30 کان 40 سيڪڙو بجيٽ مختص ٿيڻ گهرجي ها، جيئن ٻين قومي منصوبن سان ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته صرف 15 ارب رپيا رکڻ سان نه منصوبي سان انصاف ٿيو آهي ۽ نه ئي وري پاڪستان جي مفاد کي ڌيان ۾ رکيو ويو آهي.هن چيو ته اسان کي رڳو هن منصوبي تي ئي نه، پر ڪي فور منصوبي جي حوالي سان به سخت تحفظات آهن، جيڪا رقم انهن منصوبن لاءِ مختص ڪئي وئي آهي، اها تمام گهڻي گهٽ آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي انهن سڀني معاملن کي سنجيدگي سان وٺي رهي آهي ۽ بجيٽ جو تفصيلي جائزو وٺندي،هن چيو ته اسان جي گذارش آهي ته پنهنجن غير ضروري خرچن کي گهٽايو، جڏهن توهان خرچن ۾ ڪٽوتي ڪندئو ته بچت ممڪن ٿي سگهي ٿي.هن چيو ته جيڪڏهن توهان جي آمدني ۾ واڌارو نه ٿئي ته پوءِ ضروري آهي ته خرچ تي ضابطو آندو وڃي. گذريل ڀيري به توهان جيڪي بجيٽ هدف مقرر ڪيا هئا، اهي حاصل نه ٿي سگهيا. ايف بي آر پنهنجي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جيڪڏهن توهان جا محصول (ريونيو) جا هدف پورا نٿا ٿي سگهن ته توهان کي صوبا جي مالي خساري کي به ڌيان ۾ رکڻو پوندو.شرجیل انعام ميمن چيو ته سڀني خرچن کي سمارٽ انداز ۾ منظم ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن خرچن کي محدود نه ڪيو ويو ۽ اهي لڳاتار وڌندا رهيا، ته مالياتي نظام تي دٻاءُ پوندو، ۽ مالياتي پاليسي جٽادار نه رهي سگهندي.
پراپرٽي جي خريداري تي ود هولڊنگ ٽيڪس ۾ گهٽتائي
اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ تعميراتي شعبي جي حوالي سان اهم تجويزون پيش ڪري ڇڏيون، بجيٽ ۾ ملڪيت جي خريداري تي ود هولڊنگ ٽيڪس جي شرح 4 سيڪڙو مان گهٽائي 2.5 سيڪڙو ۽ 3.5 مان گهٽائي 2 سيڪڙو ۽ 3 سيڪڙو مان گهٽائي 1.5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اهڙي ريت ڪمرشل ملڪيتن، پلاٽن ۽ گهرن جي منتقلي تي گذريل سال لاڳو ڪئي ويندڙ 7 سيڪڙو تائين فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي.
اپوزيشن بجيٽ ڪاپيون ڦاڙي اڇلائي ڇڏيون، سخت احتجاج
اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب طرفان بجيٽ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن جماعت تحريڪ انصاف سخت احتجاج ڪيو ۽ نعرا هڻندي بجيٽ دستاويز جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، پي ٽي آءِ ميمبرن وزيراعظم شهباز شريف جي سيٽ ڀرسان گڏ ٿي نعرا هنيا، هنن چيو ته هن حڪومت وٽ بجيٽ پيش ڪرڻ جو اختيار ناهي ۽ اسان آءِ ايم ايف جي بجيٽ کي تسليم نٿا ڪيون،
دفاعي بجيٽ ۾ 20 سيڪڙو واڌ، اڍائي هزار ارب مختص، خاص رليف الائونس جو اعلان
اسلام آباد (م ڊ) نئين مالي سال دفاعي بجيٽ لاءِ 20 سيڪڙو واڌ سان 2550 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي، واضح رهي ته گذريل سال دفاعي بجيٽ ۾ 18 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي هئي، ناڻي واري وزيرچيو ته ملڪي دفاع حڪومت جي اهم ترجيح آهي ۽ ان قومي فرض لاءِ ٻه هزار 550 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا، هن چيو ته اسان جي فوج پنهنجي پيشوراڻي مهارت، بهادري ۽ قرباني جي جذبي سان دشمن کي مؤثر ۽ ڀرپور جواب ڏنو، جنهن نه رڳو اسان جي سرحدن جو دفاع اڻمٽ بڻايو پر عالمي برادري ۾ به پاڪستان جو وقار بلند ڪيو، هن عظيم ڪاميابي اهو پيغام ڏنو ته پاڪستاني قوم هر آزمائش ۾ گڏيل آهي ۽ وطنِ عزيز جي دفاع لاءِ هڪ مضبوط قلعي وانگر بيهي ٿي.هن چيو ته انهن خدمتن جي اعتراف طور هٿياربند فوج جي آفيسرن، سولجرن ۽ JCOs لاءِ اسپيشل رليف الاؤنس ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي، اهي خرچ مالي سال 2025-26 لاءِ مختص ڪيل دفاعي بجيٽ مان پورا ڪيا ويندا.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 716 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز
اسلام آباد (م ڊ) وزير خزاني مالي سال 2024-25 جي بجيٽ ۾ بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 716 ارب رپيا مختصڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. خزاني واري وفاقي وزير بجيٽ تقرير دوران ٻڌايو ته نئين مالي سال ۾ هن پروگرام جي تحت بجيٽ ۾ 21 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت هن پروگرام جي ڪوريج وڌائڻ چاهي ٿي ۽ ڪفالت پروگرام کي هڪ ڪروڙ ماڻهن تائين پهچايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته تعليمي وظيفن کي به وڌيڪ وڌايو ويندو ته جيئن هڪ ڪروڙ ويهه لک ٻارن کي فائدو پهچي سگهي.
عام ماڻهو ۽ پگهاردار طبقو پڇا پيو ڪري ته اشرافيه ڪيترو بار کنيو؟ وزيراعظم
اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موجوده بجيٽ ۾ اسان جو معاشي ترقي تي ڌيان آهي. پگهاردار طبقي معاشي استحڪام آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.وفاقي ڪابينه جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان اهڙي موڙ تي بٺل آهي جتي ملڪ کي ٽيڪ آف ڪرڻو آهي. معاشي اشارن سبب اطمينان آهي، پوءِ چاهي افراط زر هجي، ايڪسپورٽ هجي يا ريمي ٽينسز هجي انهي ۾ بهتري آئي آهي، آءِ ٽي ايڪسپورٽس به وڌي وئي آهي.هن چيو ته موجوده بجيٽ ۾ اسان معاشي ترقي تي ڌيان رکيو آهي. پگهاردار طبقي معاشي استحڪام آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادري غزه جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. غزه ۾ اسرائيل جو بدترين ظلم جاري آهي اهڙي طرح ڪشمير ۾ به ڀارتي ظلم جاري آهي، اميد آهي ته فلسطين ۽ ڪشمير کي ظلم کان ڇوٽڪارو ملندو،هن چيو ته گذريل سوا سال ۾ جن سنگين حالتن ۽ چئلينجز کي پوري قوم ۽ حڪومت منهن ڏنو اها ڪنهن به لحاظ کان معمولي ڪاميابي ناهي،عام ماڻهو جيڪي قربانيون ڏنيون آهن پگهاردار طبقي جيڪو گذريل بجيٽ جي حوالي سان بار کنيو آهي اهي چون ٿا ته اشرافيه ڪيترو بار کنيو آهي؟
غريبن جو خون چوسيو پيو وڃي،مراعات يافته طبقي کي 5 کربن جي ڇوٽ ڏني وئي:اپوزيشن
اسلام آباد(م ڊ)پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي ته بجيٽ ۾ غريبن جو رت چوسي اشرافيه کي پياريو پيو وڃي،اسلام آباد ۾ سلمان اڪرم راجا ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پي ڊي ايمحڪومت جيڪا مڙهي وئي ان رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن،پاڪستان ۾ زراعت جي پيداوار ڪاٽو ٿي وئي،فصل تباهه ٿي ويا،آبادگارن کي کربين رپين جو نقصان ٿيو ۽ صنعتن ۾ منفي گروٿ ٿي،هن چيو ته عوام جي قوت خرد متاثر ۽ رپئي کان وڌيڪ افغان ڪرنسي جو قدر وڌي ويو،خطي جي ملڪن ۾ اسان آهيون جيڪي زوال پزير آهيون،هن چيو ته عيدالاضحيٰ تي 30 سيڪڙو ماڻهو قرباني نه ڪري سگهيا،پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ واڌ ٿي آهي،پنج پنج هزار ڊالر جا سوٽ پائيندڙ اسان جو مذاق اڏائيندا آهن،مراعت يافته طبقي کي 5 کرب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي اهي،ان موقعي تي سلمان اڪرم راجا چيو ته بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي کي ڪا رعايت نه ڏني وئي،بئنڪن ۾ پئسن تي 20 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو اهي،پيٽروليم ليوي ۽ ڪاربن ليوي کي وڌايو ويو آهي
5کان 6 شعبا ڪڏهن ٽيڪس نه ڏيندا نه ئي حڪومت وٺڻ چاهي ٿي: شبر زيدي
اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي ايف بي آر چيئرمين ۽ معاشي معاملن جي ماهر شبر زيدي نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته ايف بي آر ۾ ڪا غير معمولي بهتري ناهي ٿي، جيئن پهريان سلسلو هلندو هو تيئن ئي هلندو رهيو. ڊجيٽلائزيشن جو لفظ چوڻ سٺو لڳي ٿو پر جيڪو ٿيڻو هو اهو نه ٿيو. 2019 ۾ مون ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم آندو هو جيڪو 5 سالن ۾ ناهي هليو، اوهان واپاري دوست اسڪيم شروع ڪئي هئي جنهن تي گذريل بجيٽ ۾ ناڻي واري وزير چيو هو ته ڪاميابي سان جاري آهي پر اها خبر ناهي ڪٿي دفن ٿي وئي. اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪهڙي بنياد تي اهو چئون ٿا ته ايف بي آر پنهنجي ٽيڪس اوڳاڙي ۾ ڪا بهتري آندي آهي؟ هن چيو ته اهو ٽيڪس معاشي سرگرمي سان اچي ٿو جيڪو ايندو آهي، ان ۾ ڪا اهڙي شئي نظر نٿي اچي جنهن ۾ چئي سگهجي ته ايف بي آر ڪا بهتري لاءِ شئي ڪئي هجي. سندس چوڻ هو ته اها حقيقت آهي، پاڪستاني معاشري لاءِڊجيٽلائزيشن، ٽرانفارميشن ۽ رفارمز جهڙا لفظ بي معنيٰ ٿي ويا آهن. هن بجيٽ ۾ هڪ ڳالهه اها شامل ڪئي وئي آهي ته ٽيڪس امينڊمينٽ ايڪٽ 2024 آندو ويو هو، جنهن کي اسيمبلي پاس نه ڪيو هو، هاڻي ان ئي ايڪٽ کي بل جو حصو بڻايو ويو آهي، هي اهو آهي ته جيڪي نان فائلر هوندا اهي ڪا اڪنامڪ ٽرانزيڪشن نه ڪري سگهندا جنهن ۾ بينڪ اڪائونٽ کولڻ ۽ بينڪ اڪائونٽ کي مينٽين ڪرڻ به آهي. ان وقت به هي 6 مهينن ۾ ان تي عمل نه ڪرائي سگهيا هئا. مون کي نٿو لڳي ته هي ان تي عمل ڪرائي سگهندا، اوهان انهن شين جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو پر ڪجهه ٻيون شيون به اهميت رکن ٿيون. هن چيو ته بنيادي مسئلو اهو آهي ته اسان وٽ وڏو انگ رٽيلر، ايگريڪلچرسٽ، ريئل اسٽيٽ وارا ٽيڪس نٿا ڏين نه ئي هو ڏيڻ چاهين ٿا نه ئي هي انهن کان وٺڻ چاهين ٿا. هن بجيٽ ۾ رٽيلر بابت ڪو بحث ناهي، پي ايم ايل ن جو ڳٺ جوڙ رٽيلرز سان آهي ۽ هو انهن کي ڊسٽرب نٿا ڪرڻ چاهين، پيپلزپارٽي جو ڳٺ جوڙ ايگريڪلچرسٽن سان آهي، اهي انهن کي ڊسٽرب نٿا ڪرڻ چاهين، اسان جي کوڙ ادارن جو ڳٺ جوڙ ريئل اسٽيٽ سان آهي، هو انهن کي ڊسٽرب نٿا ڪرڻ چاهين. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي بجيٽ 14 هزار بلين آهي، پنجاب ۾ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس رڳو 3 بلين آهي، اهو ته مان خيرات ۾ ڏئي ڇڏيان اهو ڪرڻ جي ضرورت ڇو آهي؟ پاڪستان ۾ جيستائين معاشي انقلاب نه ايندو، هي 5 کان 6 سيڪٽر ٽيڪس ڪڏهن نه ڏيندا، ڇو ته اهي سيڪٽر اسيمبلين ۽ اقتدار ۾ ويٺا آهن، انهن کي ڪو شوق ناهي ته هنن کان ٽيڪس ورتو وڃي. عام ماڻهو جي زندگي بهتر ٿئي.