پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا بهتر ٿيا آهن: صدر زرداري

اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا گڏيل مفادن جي بنياد تي گذريل سالن دوران بهتر ٿيا آهن ۽ تازو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح تي رابطن ۾ واڌ آئي آهي، پاڪستان ۽ روس علائقائي ۽ عالمي پليٽ فارمن تي ويجهو تعاون جاري رکيو آهي، روس جي 35هين قومي ڏينهن جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان، روس کي هڪ اهم عالمي طاقت طور ڏسندو آهي، روس يوريشين علائقي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ دوستي جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، اچو ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ سمجهه، ڀائيواري ۽ تعاون کي وڌائڻ جي عزم کي ٻيهر تازي ڪريون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.