ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ملير جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ جي ڪيس نئون موڙ اختيار ڪري ورتو، ملير جيل مان 216 جي بجاءِ 225 قيدي فرار ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ملير جيل جي سپريٽينڊنٽ جاچ انتظاميه کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فرار ٿيندڙ قيدين جي ٻيهر ڳڻپ ڪرڻ تي تعداد تبديل ٿي، 146 فرار قيدي هينئر تائين گرفتار ٿي چڪا آهن، جيل مان فرار ٿيندڙ 79 قيدي في الحال فرار آهن، خط جي مطابق هڪ قيدي پنهنجي گهر ماڙي پور ۾ خودڪشي ڪئي، هڪ قيدي ڀڄڻ دوران فائرنگ ۾ مارجي پڻ ويو هو، پوليس موجب نئين لسٽ ۾ شامل وڌيڪ قيدين جا تفصيل ٿاڻن کي ڏئي ڇڏيا آهن، فرار ٿيندڙ قيدين جي گرفتاري جي لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، گذريل رات ابراهيم حيدري ۾ ڇاپي دوران هڪ قيدي گرفتار ٿيو، ضلعي ملير ۾ 107 قيدي هينئر تائين گرفتار ٿي چڪا آهن، ضلعي ڪورنگي مان 8 قيدي پڪڙيا ويا، ضلعي اوڀر مان 7، ضلعي سٽي مان 3 قيدي پڪڙي ويا، ضلعي ڪياماڙي مان 3، ضلعي غربي مان 8 قيدي پڪڙيا ويا، ضلعي سينٽرل مان 6 قيدي پڪڙيا ويا آهن.
هيڊ ڪانسٽيبل کي هٽائي ڪيس کي ڪرپشن جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش
ڪراچي: ڊسٽرڪٽ جيل ملير ۾ آفيس ڊيوٽي ڏيندڙ هيڊ ڪانسٽيبل راشد خان کي ڪرپشن جي الزامن هيٺ معطل ڪيو ويو. ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ ڪميٽي تحقيقات ڪري رهي آهي، پر نئون آيل سپرنٽنڊنٽ ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڪيس کي اصل تحقيقات کان هٽائي ڪرپشن طرف موڙي. جاچ ٽيم ۾ جج يا سينيئر آفيسرن بدران رڳو پوليس آفيسرن تي ڀاڙڻ سبب شفافيت شڪي بڻجي ٿي. جيل ۾ 6500 قيدين مان لڳ ڀڳ 200 فرار ٿيا، جن مان ڪجهه واپس اچي چڪا آهن. واقعي جي ڏينهن جيل سپرنٽنڊنٽ ارشد حسين ۽ هيڊ ڪانسٽيبل راشد خان ٽيم سان گڏ هوائي فائرنگ ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس استعمال ڪئي، جنهن سبب ڪيترائي قيدي واپس آيا. چار مهينا اڳ راشد خان کي بهترين ڪارڪردگي تي آءِ جي جيل اي ايس آءِ جي چارج ڏني وئي هئي. هاڻي تحقيقات کان هٽي ڪري غير لاڳاپيل قدم کنيا پيا وڃن، جيڪي ڪيس جي اصل روح تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا.
ملير جيل ۾ قيدين کي قابو رکڻ بابت حفاظتي انتظام نه هجڻ جو انڪشاف
ڪراچي (رپورٽ: خدا ڏنو شاهه) گهرو کاتي سنڌ جي نااهلي سبب ڊسٽرڪٽ جيل ملير ۾ قيدين کي قابو رکڻ لاءِ حفاظتي انتظام نه هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ننڍي ڄمار جي قيدين لاءِ قائم اصلاحي گهر کي رڳو جيل جو درجو ڏنو ويو پر جيل طور اپ گريڊ نه ڪيو ويو. دستاويزن موجب، انگريز سرڪار جي زماني ۾ قائم ڪيل اصلاح گهر کي 1993ع ۾ ڊسٽرڪٽ جيل جو درجو ڏنو ويو، پر 32 سال گذرڻ باوجود سيڪيورٽي جا قدم نه کنيا ويا. جيل انتظاميا، ايس ايس پي آفيس ۽ ويجهن ٿاڻن جي وچ ۾ رابطي لاءِ وائرليس سسٽم ۽ ايمرجنسي سائرن به نه لڳايا ويا. 32 سالن ۾ جيل ۾ نه واڪي ٽاڪي سسٽم مهيا ڪيو ويو، نه جيل جي ديوارن کي مٿي ڪيو ويو، نه ديوارن تي خاردار تار لڳائي وئي ۽ نه ئي جيمر لڳايا ويا آهن. جيل جي دروازن کي ڳري گيج جي لوهي دروازن سان تبديل نه ڪيو ويو، جنهن ڪري قيدين جي فرار ٿيڻ جو خدشو رهندو آيو آهي. آءِ جي جيل قاضي نظير ٻه ڀيرا گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي خط لکي 122 ملين رپيا گهريا، پر گهرو کاتي فنڊز نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي رقم ڏيڻ کان انڪار ڪيو. 2021ع کان جيل اختياريون گهرو کاتي کي خط لکي فنڊز گهرنديون رهيون، پر کاتي هر ڀيري انڪار ڪيو، جنهن ڪري جيل ۾ واڪي ٽاڪي، وائرليس سسٽم، وڏيون ديوارون ۽ خاردار تارون نه لڳي سگهيون. هنگامي حالتن لاءِ سائرن به نه لڳي سگهيو ۽ نه ئي معيار وارا لوهي دروازا لڳي سگهيا، جنهن ڪري قيدي هلڪي گيج وارن دروازن کي ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
اصل غفلت گهرو کاتي جي نڪتي، جنهن اپ گريڊيشن لاءِ قدم نه کنيا
ڪراچي: ڊسٽرڪٽ جيل ملير ۾ قيدين جي فرار ٿيڻ بعد ڊپٽي جيل سپرنٽينڊنٽ ذوالفقار پيرزادي سميت 23 آفيسرن ۽ سپاهينکي غفلت جي الزام هيٺ معطل ڪيو ويو پر اصل غفلت گهرو کاتي جي سيڪريٽري جي آفيس ۾ سامهون آئي جنهن 32 سالن کان جيل کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ ڪو قدم نه کنيو.