ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ڪالهه سال 2025-26 لاءِ 17,573 ارب رپين جو بجيٽ پيش ڪئي، دفاعي بجيٽ لاءِ 2,550 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن،سرڪار پگهاردار طبقي لاءِ وڏي رليف جي اعلان ڪرڻ کان علاوه، سڀني ٽيڪس سليب ۾ نمايان گهٽتائي آهي. بجيٽ ۾ ڪل خرچ جو اندازو 17,573 ارب رپيا لڳايو ويو آھي.وياج جي ادائيگي لاءِ 8,207 ارب رپيا رکيا ويا. جاري خرچ جو اندازو 16,286 ارب رپيا رکيو ويو آھي.حڪومت جي نج آمدني 11,072 ارب رپيا ڄاڻائي وئي آھي.ايف بي آر جي آمدني جو اندازو 14,14131 ارب رپيا رکيو ويو آھي.غير ٽيڪس آمدني جو هدف 5,147 ارب رپيا رکيو ويو آھي.ترقياتي پروگرامن لاءِ 1,000 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن قومي دفاع لاءِ 2,550 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آھن.پينشن لاءِ 1,055 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آھي.بجلي ۽ ٻين شعبن لاءِ سبسڊي طور 1,186 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آھن.گرانٽس لاءِ 1,928 ارب رپيا مختص ڪيا ويا.
موجوده خرچ مان، آزاد ڪشمير لاءِ 140 ارب رپيا، گلگت بلتستان لاءِ 80 ارب رپيا، خيبر پختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن لاءِ 80 ارب رپيا ۽ بلوچستان لاءِ 18 ارب رپيا رکڻ جي تجويز رکي وئي آھي.
ناڻي واري وزير موجب فوج پنهنجي پيشيور صلاحيتن،۽ قرباني جي جذبي سان دشمن کي هڪ مؤثر ۽ جامع جواب ڏنو ۽ دفاع کي ناقابل تسخير بڻايو گڏگڏ عالمي برادري ۾ پاڪستان جو وقار به بلند ڪيو. سالياني بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سڪڙو وڌائڻ جو اعلان ڪيو پر رٽائرڊ ٿيندڙ ملازم جي فوت ٿيڻ بعد ان جي گھرواريءِ کي پينشن تاحيات ملڻ بدران ھاڻي ڏھن سالن تائين ملندي.وفاقي بجيٽ ۾ نان فائلرز لاءِ وڌيڪ سخت قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. پيٽروليم شين جي نقد خريداري کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو ويو.
پنهنجي تقرير ۾ وزير چيو ته پگهاردار ماڻهن لاءِ سڀني ٽيڪس سليب ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي ته جيئن انهن جو مالي بار گهٽجي سگهي.ھن چيو ته حڪومت 6 لک کان 12 لک رپين جي سالياني ڪمائي وارن لاءِ ٽيڪس جي شرح هڪ سيڪڙو مقرر ڪئي آهي. ٻڌايو ويو تھ هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ پرڏيھھ ۾ رھندڙ پاڪستانين کان ملندڙ رقم 31 سيڪڙو وڌي، اھا 31.2 ارب ڊالر ٿي.اميد آهي ته موجوده مالي سال جي آخر تائين اھا 38 ارب ڊالر تائين پهچي ويندي.اسٽيٽ بينڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 2 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو آهي. هلندڙ سال جي آخر تائين، اهي ذخيرا 14 ارب ڊالر تائين پهچي ويندا. هن چيو ته حڪومت کي معاشي بهتري لاءِ جي فيصلن کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي،ساڳئي طرح، پي ڊبليو سي جي مطابق، معيشت جي بهتري ۾ ڪاروباري اڳواڻن جو اعتماد 49 سيڪڙو کان وڌي 83 سيڪڙو ٿي ويو آهي.
وفاقي وزير خزانه چيو ته گيلپ جي مطابق، پاڪستاني معيشت ۾ واضح بهتري آئي آهي ۽ صرف گذريل ٽه ماهي ۾ گهريلو مالياتي آئوٽ لُڪ 27.5 سيڪڙو وڌيو آھي. فِچ پاڪستان جي ريٽنگ ٽرپل سي پلس کان منفي بي تائين وڌائي ڇڏي آهي، جنهن سان معاشي مستقبل ۾ بهتري جو واعدو ڪيو ويو آهي. موڊيز پڻ معيشت ۾ بهتري جو اشارو ڏنو آهي.
فائلنگ ۽ ٽيڪس ادا ڪندڙن جي تعداد ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ آمدني 45 ارب رپين کان وڌي 105 ارب رپيا ٿي وئي.هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن موجب، هيٺيان ٽيرف سڌارا قومي ٽيرف پاليسي 30-2025 جو حصو بڻايا پيا وڃن.جنھن ۾4 سالن ۾ اضافي ڪسٽم ڊيوٽي جو خاتمو،5 سالن ۾ ريگيوليٽري ڊيوٽي جو خاتمو،5 سالن ۾ ڪسٽم ايڪٽ 1969 جي 5 هين شيڊول جو خاتمو.ڪل چار ڪسٽم ڊيوٽي سليب 0 سيڪڙو، 5 سيڪڙو، 10 سيڪڙو، ۽ 15 سيڪڙو،15 سيڪڙو جي وڌ ۾ وڌ ڪسٽم ڊيوٽي جي حد رکي وئي آھي.
حڪومت سرڪاري شعبي جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ، مالي بار گهٽائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ جديد ۽ متحرڪ نجڪاري حڪمت عملي تي عمل ڪري رهي آهي.جنھن موجب غير ضروري سرڪاري ادارن جي شفاف ۽ اثرائتي نجڪاري ڪرڻ آھي. هن چيو ته مالي سال 2025-26 ۾، اسان جو مقصد پي آءِ اي ۽ روزويلٽ هوٽل جهڙن اهم ٽرانزيڪشن کي مڪمل ڪرڻ ۽ ڊسڪو ۽ جينڪو جهڙن اهم اثاثن جي نجڪاري لاءِ پاليسي ۽ ريگيوليٽري سڌارن کي اڳتي وڌائڻ آهي.
ناڻي واري وزير موجب وفاقي حڪومت جي ادارتي ڍانچي کي وزيراعظم جي ويزن جي مطابق مناسب طور تي منظم ۽ جديد بڻائڻ لاءِ هڪ شروعات شروع ڪئي آهي.بنيادي سڌارا ان اصول تي ٻڌل آهن ته حڪومت کي عوامي خدمتن جي فراهمي لاءِ ٽيڪس ڏيندڙن تي گهٽ ۾ گهٽ بار وجهڻ گهرجي، حڪومتي ڍانچي ۾ جديد ماحول موجود هجي ۽ حڪومت کي ڪاروباري معاملن ۾ حصو نه وٺڻ گهرجي پر انهن معاملن کي خانگي شعبي جي حوالي ڪرڻ گهرجي.
محمد اورنگزيب چيو ته پينشن رٽائرڊ ملازمن جو بنيادي حق آهي، گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي پينشن اسڪيم ۾ تبديليون ڪيون ويون، جنهن جي ڪري سرڪاري خزاني تي بار پيو، حڪومت پينشن اسڪيم کي درست ڪرڻ ۽ سرڪاري خزاني تي بار گهٽائڻ لاءِ پينشن اسڪيم ۾ سڌارا آندا آهن.جيئن ته جلد رٽائرمينٽ جي حوصلا شڪني ڪرڻ،پينشن ۾ واڌ ڪنزيومر پرائس انڊيڪس سان ڳنڍڻ،خانداني پينشن مڙس جي وفات کان پوءِ 10 سالن تائين محدود ڪرڻ،گهڻا پينشن ختم ڪرڻ،ريٽائرمينٽ کان پوءِ ٻيهر ملازمت جي صورت ۾ پينشن يا پگهار جو انتخاب ڪرڻ آھي.
ظاھري طور تي ھڪ وچٿري ۽ متوازن بجيٽ آھي.بھتر ھو تھ حڪومت عوام مٿان اڃان بھ ٽيڪس جو بار گھٽ ڪري ھا ۽ سرڪار ملازمن جي پگھار ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ھا. ان ھوندي بھ بجيٽ جا انگ اکر عوام لاءِ ڪي گھڻو ڇرڪائيندڙ نھ آھي.