ملڪ اندر هن وقت وڏي زور شور سان نوان صوبا ٺاهڻ/ انتظامي يونٽ ٺاهڻ متعلق بحث مباحثو جاري آهي. مين اسٽريم ميڊيا تي ڪيترائي غير سنڌي اينڪرز ڪلاڪن جا ڪلاڪ نون صوبن تي ڀاشڻ ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته عوام جن اشوز تي ڊائلاگ چاهي ٿو سي هي نڪتا آهن: ( 1)ڊائلاگ ان تي ٿيڻ گهرجي ته امن امان جي صورتحال کي ڪيئن ٺيڪ ڪجي؟
2) ) ملڪ ٺهڻ کان پوءِ قومي خزاني تي هٿ صاف ڪري جيڪو پيسو ٻاهرين ملڪن ڏانهن منتقل ٿيو آهي اهو واپس ڪيئن؟
3) ) رشوت خوري جي پاڙ پٽي ادارن کي ڪيئن بهتر ڪجي؟
4) ) سينيٽ، قومي اسيمبلي ۾ حقيقي سياسي قوتن کي برابري جي بنياد تي نمائندگي ڏئي ملڪ جو سياسي نظام بهتر ڪيو وڃي.
5) ) جيڪي به معدني وسيلا جنهن صوبي مان دريافت ٿين ٿا انهن جو حق تسليم ڪيو وڃي.
6) ) پنجاب کان علاوه ٽئي صوبا پاڻ کي پنجاب ڪالوني سمجهن ٿا. ٽنهي صوبن جي حقيقي نمائندن کي گهرائي انهن کي يقين ڏياريو وڃي ته اهڙي ڪابه ڳالھ ناهي. توهان جون شڪايتون دور ڪيون وينديون.
7) ) ڊائلاگ ان تي ٿيڻ گهرجي ته جيڪي صوبائي ٻوليون آهن انهن کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويندو.
8) ) ڊائلاگ ان تي ٿيڻ گهرجي ته وفاقي ادارن ۾ صوبن جي ڪوٽا تي مڪمل طور تي عمل ڪيو ويندو.
9) ) ڊائلاگ ان تي ٿيڻ گهرجي ته هائبرڊ نظام جو خاتمو آڻي شفاف اليڪشن وسيلي جيڪا جماعت چونڊن ۾ سوڀاري ٿيندي ان کي ئي اقتدار ڏنو ويندو.
10) ) ڊائلاگ ان تي ٿيڻ گهرجي ته ملڪ مان پن پروگرام ختم ڪري عورتن کي هنرمند ڪيو ويندو يا عورتن کي آسان شرطن تي قرض ڏئي پنهنجي پيرن تي بيهاريو ويندو.
11) ) ڊائلاگ ان تي ٿيڻ گهرجي ته سفارشي ڪلچر جو خاتمو آڻي چئني صوبن ۾ نج ميرٽ تي پڙهيل لکيل نوجوانن کي ميرٽ تي روزگار ڏنو ويندو.
12) ) ڊائلاگ ان تي ٿيڻ گهرجي ته هر ادارو پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪندو.
13)) ڊائلاگ ان تي ٿيڻ گهرجي ته ملڪ مان توانائي بحران جو خاتمو ڪري سستي بجلي ۽ هر گهر ۾ ڏني ويندي.
14) ) ڊائلاگ ان تي ٿيڻ گهرجي ته اڳتي ٽنهي صوبن جي محرومين جو ازالو ڪيو ويندو.
15)) ڊائلاگ ان تي ٿيڻ گهرجي ته آئينده ڪنھن به سياسي جماعت جي پٺڀرائي ڪري ان کي نه کٽرايو ويندو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ لاهور ۾ نوان صوبا ٺاهڻ واري ڊائلاگ ۾ ڳالهائيندي چيو ته فيصلو ٿي چڪو آهي نوان صوبا هر حال ۾ ٺهندا. سنڌ جي امڪاني ورهاڱي جي خلاف سوال پڇڻ تي ڪجهه ڏينھن اڳ جي ڊي سربراهه صدرالدين شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته ڪو به سنڌ کي نٿو ٽوڙي سگهي. اسان نٿا چاهيون ته جيڪو ڪشمير ۾ ٿي رهيو آهي اهو سنڌ ۾ به ٿئي. سنڌ جي سڀني قومپرست جماعتن ۾ بيچيني پکڙيل آهي. سنڌ جي امڪاني ورهاڱي جي خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي 20 آگسٽ تي ڪراچي ۾ تمام وڏي ريلي ڪڍي چڪي آهي. سنڌ ايڪشن ڪميٽي جون سڀ جماعتون، عوامي تحريڪ وغيره روزانو سنڌ جي ڪنھن نه ڪنھن شهر ۾ پنهنجي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهيون.
سو سنڌ جي ماڻهن ۾ تمام وڏي بيچيني پکڙيل آهي ان جا ڪيترائي سبب آهن. پ پ پ جي گذريل ارڙهن سالن جي اقتدار سڄي سنڌ کي کنڊر ڪري ڇڏيو آهي. پ پ پ سنڌ جي ماڻهن کي ويڳاڻو ڪيو آهي. پ پ پ حڪومت جي ڪرپشن ۽ لاقانونيت جون ڪيتريون ئي خبرون روزانو ميڊيا تي اچي رهيون آهن. جيڪڏهن مقتدر قوتون نون صوبن واري هوڏ تان نه لٿيون ته سنڌ ۾ احتجاجن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويندو. هن دفعي سنڌ جا وڪيل به سندارا ڇڪي سياسي جماعتن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندا. ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ جيڪا ڪانفرنس لاهور ۾ ڪوٺائي وئي هئي ان ۾ هڪ به اسپيڪر سنڌي، پختون ۽ بلوچ ناهي. سنڌ کي مڪمل طور تي ديوار سان لڳايو پيو وڃي.