سياسي علم جي کوٽ

تحرير: ايڊووڪيٽ محب آزاد

اردوءَ جي هڪ مشهور چوڻي آهي ته ”نيم حڪيم خطره جان“، ڪنهن ماڻهوءَ کي گاڏي هلائڻ جي ڄاڻ نه هجي ۽ ان کي چئجي ته گاڏي هلائي اسان کي ٺٽي پهچائي، ته ڇا اهو ٺٽو پهچائي سگهي ٿو؟ يا ڪنهن پي ايڇ ڊي هولڊر پروفيسر کي چئجي ته توهان به ڊاڪٽر آهيو ۽ تمام گهڻا پڙهيا لکيا آهيو، هڪ همراھ کي پتي ۾ پٿري آهي، اچو هن جو آپرشن ڪريو، ڇا ھو اها پٿري ڪڍي سگهي ٿو ۽ اهو آپريشن ڪري سگهي ٿو؟ يا ڪنهن وڪيل کي يا ڊاڪٽر کي چئجي ته هلو هڪ پي ايڇ ڊي هولڊر پروفيسر جي جاءِ تي سمينار کي علم ۽ ادب جي موضوع تي هلي خطاب ڪريو، ڇا سيمينار ڪامياب ٿي سگهي ٿو؟ يا ائين کڻي چئجي ته ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪمپيوٽر جي تعليم جي ڄاڻ ئي نه هجي ۽ ان همراھ جي حوالي ڪمپيوٽر ڪري چئجي ته هاڻ ان بابت ٻڌاءِ يا ڪنهن دڪاندار کي چئجي ته توهان هلي تنظيم جي هڪ منظم دستي جي اڳواڻي ڪريو يا ڪنهن منظم دستي جي اڳواڻ کي چئجي ته توهان هلي دڪان کي هلايو يا ڪنهن ماڻهوءَ کي گسن توڙي شهر جي گهٽين جي ڄاڻ نه هجي ان کي چئجي ته هلي اسان کي حيدرآباد جو پاور هائوس وارو علائقو يا مرزا پاڙو گهمائي اچ، ڇا اهو ماڻهو اسان کي منزل تي پهچائي سگهي ٿو؟

وڌيڪ اوهان پاڻ فيصلو ڪري سگهو ٿا ته جنهن کي ڪا ڄاڻ نه هجي، مقصد اهو اڻ تجربيڪار هجي، ته اهو هن ڪم ۾ ڪيترو فائديمند ٿي سگھي ٿو؟ يا ڪهڙو نتيجو ڏيئي سگهي ٿو؟ ان جو اندازو اوهان پاڻ لڳائي سگهو ٿا.

هتي افسوس جي ڳالھه اها آهي ته هتي سياست جيڪو اهم موضوع آهي، مظلوم قومن توڙي طبقن جي نجات ۽ آزاديءَ جو، پر هتي اهي سياست ڪن ٿا جن نه اولھ جو سياسي فڪر Western political thoughts پڙهيو آهي، نه علائقائي علم ادب، نه سياسي تاريخ جي ڄاڻ اٿن، نه انهن کي اها ڄاڻ آهي ته دنيا ۾ سياست ڪيئن ۽. ڪڏھن جنم ورتو؟ جي سياست جنم ورتو ته ان جا ڪهڙا اهم ڪارڻ هئا ۽ رياستن جي وجودجڻ جي شروعات ڪيئن ٿي ۽ رياست ڇا کي چئبو آهي؟ نه انهن کي سياسي فڪر پيش ڪندڙن جي خبر آهي، نه سياسي فڪرن جي ڄاڻ آهي؟ نه انھن کي اها ڄاڻ آھي ته سقراط ڪير هو؟ سقراط تي ڪهڙا الزام هڻي زهر پياريو ويو؟ افلاطون ڪهڙو سياسي فڪر پيش ڪيو؟ عظيم فلسفي ارسطو کي اٿينس شهر ڇو ڇڏڻو پيو؟ ميڪاولي ڪھڙو ڪتاب لکيو؟ ۽ ان ۾ هن ڪهڙو سياسي خيال پيش ڪيو؟ جان جيڪس روسو ڪهڙو سياسي فڪر ڏنو هو؟ ڪارل مارڪس جهڙي عظيم ڏاهي اهڙو ڪهڙو سياسي فڪر پيش ڪيو، جو پوري دنيا اٿل پٿل جو شڪار ٿي پئي؟ لينن ۽ پليخانوف ۾ مارڪسي فلسفي تي ڪهڙا اختلاف هئا؟ اسٽالن ۽ ٽراٽسڪي جو پاڻ ۾ ڪهڙو تڪرار هو؟ مائوزي تنگ جي مارچ ڪهڙا نتيجا ڏنا؟ مائو ۽ خروشوف پاڻ ڇو وڙهي پيا؟ مائوزي تنگ، خروشوف ۽ آمريڪا جي ائٽمي بمن کي ڪاغذي شينهن ڇو سڏيو؟ ان وٽ اهڙي ڪهڙي سياسي ڏاهپ هئي، جو ايڏين وڏين اجگر قوتن کي للڪاريندي چيو ته، ” توهان مون کي ائٽم بم کان نه ڊيڄاريو، جي توهان ائٽم بم هڻندئو ته ڪير به نه بچندو، جيڪڏهن ان مان ڪير بچي ويو ته اهي صرف اسان ئي هونداسين.“

ڏک جهڙي ڳالھه اھا آهي ته هنن هن خطي جي تمام اعلي’ سياسي ڏاهن کي، مفڪرن کي پڙهيو ئي نه آهي، مهاتما گانڌي ڪهڙي قسم جي جدوجهد ڪئي؟ جو هن ايڏي وڏي هندستان جي اندر پنهنجا پير پختا ڪري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو ۽ هن براعظم جي سياست ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟ مولانا آزاد جي سياسي بصيرت ڇا هئي؟ هن ڇا پئي چاهيو؟ پنڊت جواهر لال نهرو ڪير هو؟ پٽيل جو ڪهڙو ڪردار هو؟ محمد علي جناح ڪهڙي جدوجهد ڪئي ۽ ڪيـن ورهاڱو ٿيو؟ ان کان پوءِ محمد علي جناح کي ڪيئن ختم ڪيو ويو؟ علامه اقبال الله آباد جلسي جي تقرير ۾ ڇا چيو؟ اسان جي ماضيءَ جي سياست ته ائين بلڪل نه هُئي، جيئن هن وقت ٿي رهي آهي، تمام وڏا پڙهيل لکيل اعلي’ پائي جا انسان هئا، جن ۾ سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ابراهيم جويو، ڍ حشو ڪيولراماڻي، شيخ اياز، رسول بخش پليجو، نذير عباسي، عبدلواحد آريسر، ڄام ساقي ۽ سوڀي گيانچنداڻي سميت تمام وڏا وڏا عالمي توڙي علائقائي سياست کي سمجهندڙ سياسي رهنما هئا. جيڪڏهن هن وقت ڏسجي ته سياسي تعليم جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ سياسي ماحول نه آهي، نه ئي تنظيمن اندر سياسي ڪارڪنن جي سياسي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪو تربيتي پروگرام آهي، نه سياسي ڪارڪن کي ڪو سياسي فهم ۽ فڪر آهي، صرف جذبات تي بيٺل سياسي ڪارڪن ائين آهن، جيئن سيکڙاٽ ٻار جي هٿ ۾ موٽرسائيڪل هوندي آهي، وڌيڪ اوهان ڄاڻي سگهو ٿا ته سيکڙاٽ ٻار ڪهڙو نتيجو ڪڍي سگهي ٿو. جڏهن ته سياسي ڪارڪن کي سياسي فڪرن ۽ سياسي علم جي هر لحاظ کان ڄاڻ هجڻ گهرجي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته سياسي ڪارڪن ته پري جي ڳالھه پر تنظيمن جي اڳواڻي ڪندڙ قوم پرست ليڊر حضرات پڻ سياسي، قومي توڙي بين الاقومي ۽ قومي لاهن چاڙهن کان بلڪل اڻ واقف آهن، جڏهن ته سياسي اڳواڻن جو هر هڪ لفظ سياسي ترجماني هوندو آهي. انهن جو هر عمل سندس فڪر جي عڪاسي هوندو آهي، ان عمل ۾ قومن توڙي طبقن جي آزاديءَ جي ڳالھه سمايل هوندي آهي، انهن کي ذاتي زندگيءَ کان دستبردار ٿيڻو پوندو آهي. جيئن مهاتما گانڌي پنهنجي طبقي کي ته الوداع ڪيو پر پنهنجي لباس کي ڇڏي هڪ مخصوص لباس کي اپنايو، ڇو ته سياسي رهنمائن جا لباس، رهڻ ۽ اٿڻ ويهڻ هڪ پيغام طور هوندا آهن. انھن جو هر عمل سندس قوم توڙي ٻين قومن تي اثر انداز ٿيندو آهي. پولينڊ ۾ سوويت دور ۾ مزدور يونين ساليڊرٽي جو اڳواڻ، ليچ وئليريا، جون مزدور ليڊر هجڻ دوران مسخرن جھڙيون مچون هونديون هيون، هي سوويت يونين دوران مزدورن جي اصل حاڪميت لاءِ وڙهندو رهيو، سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ جڏهن پولينڊ جو جمھوري آئين جڙيو ته هي چونڊن ۾ تمام وڏي اڪثريت سان کٽي آيو ۽ پولينڊ جو صدر ٿيو.

 صدارت جي ڪرسيءَ تي ويهڻ کان پوءِ هن پنھنجيون مڇون ڪٽي هلڪيون ڪري ڇڏيون، جڏهن دنيا هن جي ان تبديليءَ کي ڏسي پريشان ٿي وئي، ايڏي وڏي تبديلي خبر ناهي ته ڇا ٿيندو، ڪهڙا فيصلا ٿيندا، جنهن ڪري ان ڏينھن پولينڊ جو سمورو اسٽاڪ ايڪسچئنج ڪريش ٿي ويو، جڏهن اڄ دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت ملڪ آمريڪا جي چونڊن کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر ٽرمپ جي صدر ٿي اچڻ ۽ صدارتي آفيس ۾ پيل پينن يعني قلمن کي اڇلڻ تي دنيا حيران آهي ته آخر دنيا جي اندر ڪهڙيون تبديليون ٿينديون ۽ ڪهڙا فيصلا ٿيندا. پر اسان واپس اچون ٿا پنهنجي سياسي ماحول ڏي، جتي اسان جي سياسي رهنمائن جا آدرشي نمونا وڏيرا، سردار ۽ بيوروڪريٽ آهن، جڏهن ته انقلابي اڳواڻن توڙي انقلابي فڪر پيش ڪندڙ پنهنجن طبقن ۽ آسائشن کي ترڪ ڪري ڇڏيندا آھن، پر ڏک جهڙي ڳالھه اها آهي ته اسان جي سياست انهن جي هٿ ۾ آهي، جن کي ڪا به ڄاڻ نه آهي ته دنيا اندر ڇا ٿيو؟ دنيا ۾ وڏيون عظيم جنگيون ڇو لڳيون؟ ۽ ڪيئن انهن دنيا جي نقشن کي تبديل ڪري ڇڏيو، ڪيترائي وڏا وڏا ليڊر خاڪ ٿي ويا، انهن جي جاءِ تي ٻين ليڊرن ڪيئن اچي جاء والاري، سياست دنيا کي سنواريو آهي ته دنيا کي اجاڙيو به ته آهي، اڄ به جيڪو ڪجھه ٿي رهيو آهي، اهو ڪو ڊارون جي ٿيوري وارو ڌماڪو نه آهي، جو سموري دنيا پاڻهي ڀڃ ڊاھ جو شڪار ٿي پئي آهي، يا ڪو اهو قدرت طرفان سڀ ڪجھه نه ٿي رهيو آهي، اڄ جيڪو ڪجھه ٿي رهيو آهي ان ۾ طبقاتي سياست آهي، جيڪا مظلوم قومن جي وسيلن کي ڏيهي توڙي پرڏيهي دلالن جي ڳٺ جوڙ سان مال غنيمت سمجهي ڦٻائڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي.

جيڪڏهن اهڙي ماحول ۾ سياست کي نه سمجهيو ويو ته اها ڪنهن به درد جو درمان نٿي ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.