وفاقي سرڪار نئين مالياتي سال 2025ع 26 جي بجيٽ فيصلو ڪيو آهي ته اڳتي پسين ڏوڪڙن جي ادائيگي ڏيتي ليتي خريداري وقت ڏي وٺ ڊجيٽل طريقي سان ٿيندي جئين پيٽرول خريداري يا وڏن شهرن ۾ دوڪاندارن سان موبائيل فون اڪائونٽ وسيلي ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ وڃي پئي. ان لاءِ سرڪار مختلف پيڪيج اعلانيدي جتي هر خريداري ته روپين ۾ رياعت ملندي پئي، ان لاءِ جن وٽ مختلف فردن وٽ جيڪڏهن ڪي اڪائونٽ موجود ته انهن لاِ ته ڏکيو نه ٿيندو پر پاڪستان سميت سنڌ جي ڏورانهن علاقن ۾ جتي موبائيل ٽاورن جا سگنل موجود ناهن اتي ڊجيٽل آن لائين ڪرنسي جو نالي ۾ انهن شين جو عمل ڏکيو ٿيندو
حڪومت جي اهڙن عملن جو مقصد گهڻي ڀاڱي اهو آهي ته معيشت کي ٽيڪس جي دائري ۾ آڻي سگهجي. پر ڊجيٽل ڪرنسي جي لاڳو ٿيڻ سان هڪ ٻي شي اها ٿيندي ته پاڪستان ۾ مقرر اگهه کان سامان يا شين جو وڪرو روڪي سگهبو يا نه اهو پڻ هڪ اهم سوال ٿيندو
ڊجيٽل ڪرنسي جي استعمال جي ڳالهه گذريل پنجن سالن کان ٿئي پئي ان ۾ خريداري وقت ادائگي ڪريڊٽ ۽ ڊيبٽ ڪارڊ يعني اي ٽي ايم ڪارڊ وسيلي ڪئي وڃي پر هاڻي ساڳي ادائيگي موبائيل فونن جي اپليڪيشنز وسيلي ڪرڻ جي ڳالهه ٿئي پئي جنهن ۾ ڪيو آر ڪوڊ به شامل آهي جيڪو طريقي جنهن وٽ به اينرائيڊ فون سيٽ ۽ ايپليڪيشن آهي انهن لاءِ تمام گهڻي سولائپ آهي پر اڃا به لکن ۾ عوام آهي جيڪي اينڊرائڊ بدران عام نان ڊجيٽل موبائيل فون جو استعمال ڪري ٿي
سرڪار پنهنجي حساب سان ڪوششون وٺندي پر ڪوبه قدم هڪدم ٿيڻ سولو ۽ آسان نه هوندو
پاڪستان تعليمي سرشتي ۾ سوسيڪڙو لٽريسي نه هئڻ ڪري عام ماڻهو سان ڊجيٽل ادائيگي ۾ فراڊ به ٿي سگهن ٿا.
جڏهن ته سموري دنيا جي اڪثر مُلڪن ۾ ڏوڪڙن جون ادائيگيون اپس ۽ اينرائِڊ موبائيل يا ڪمپيوٽر وسيلي ئي ٿين ٿيو تمام گهٽ آهي ڪيش رقم جو استعمال ٿئي
اسان وٽ رياست ۽ حڪومت جي ڪوشش اها هوندي ته هڪدم سوسيڪڙو نتيجا ملن اهو ممڪنات ۾ نه هجي
سرڪار جي اهو سڀ ڪجهه عام ماڻهو کي فائدي ڏيڻ نه ڏيڻ کان وڌيڪ پاڪستان ۾ نان ٽيڪس معيشت کي ڪتب آڻڻ جي ڪوششن جي ڪڙي آهي طور ڏٺي ٿي وڃي، خاص ڪري ڪاروباري ڏيتي ليتي ۾ جيڪڏهن اهو سو سيڪٽڙو ٿئي ٿو ته ان جو فائدو سرڪارن کي وڌيڪ ٿيندو
هن مُلڪ ۾ هڪڙا اهي ڪاروباري جيڪي ٽيڪس نيٽ ۾ آهن پر اهڙا ڪاروباري به لکن ڪروڙن ۾ آهن جن جي ڏيتي ليتي ڪيش ۾ هئڻ ڪري سرڪاري جي کاتي ۾ ڪونه پئي اچي وفاقي سرڪار جو چوڻ آهي ته انهي نان ٽيڪس معيشت جو ڪاٿو نو سو ٽريلن ڊالر آهي هاڻ انهي کي پاڻ سرڪار جي دعوي چئون يا سچائي وقت ثابت ڪندو.