پرڏيهي واءُ سواءُ بنگلاديش ۾ عبوري حڪومت جو چونڊن جو اعلان. پاڻ لاءِ ڏکيائن ۾ اضافو

بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر  پروفيسر محمد يونس اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ سال اپريل جي شروعات ۾ عام چونڊون ٿينديون. اڳوڻي بنگلاديش وزيراعظم خالده ضياءَ جي بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) ۽ ٻين هم خيال جماعتن اھڙي اعلان تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.  انهن سياسي جماعتن جا اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر فرض ڪريو تھ سموريون جماعتون  چونڊ تاريخ جي حمايت بھ ڪن ٿيون، ته به سوال اهو آهي ته عبوري حڪومت کي چونڊون ڪرائڻ ۾ ڪهڙرون ڏکايون پيش اينديون. سياسي اتفاق راءِ سان گڏ اھو سوال آھي تھ ڇا اليڪشن ڪميشن ايتري مختصر وقت ۾ چونڊ فهرست کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ تڪبندي جي ڏکئي ڪم کي مڪمل ڪري سگهندي.  قوم کي خطاب ڪندي، ڊاڪٽر محمد يونس دعويٰ ڪئي ته هو تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ آزاد، انصاف ڀريون، مقابلي واريون ۽ اعتماد جوڳيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ سڀني پارٽين سان رابطي ۾ آهي.

جڏهن کان هن چونڊن جو اعلان ڪيو آهي، تڪرار پيدا ٿي رهيا آهن ۽ مٿس الزام لڳي رھيا آھن  تھ هن چونڊن جي تاريخ جو فيصلو ڪندي ملڪ جي اڪثر سياسي پارٽين جي راءِ کي نظرانداز ڪندي ڪيو آھي. چيف ايڊوائيزر جي قيادت ۾ قومي اتفاق راءِ ڪميشن جي وائيس چيئرمين پروفيسر علي رياض ڪري رهيوآھي. سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن سياسي پارٽيون سھڪار ڪن تھ ايندڙ مهيني اندر جولاءِ جي چارٽر سميت سڌارن جي پروگرامن کي حتمي شڪل ڏيڻ ممڪن ٿي ويندو. چئلينجز ڪهڙا آهن؟ ماهرن جو چوڻ آهي ته ھن وقت وڏو چئلينج سڀني پارٽين کي متحد ڪرڻ آهي. ان سان گڏ اعتماد جو ماحول پيدا ڪرڻ پڻ وڏو چئلينج آهي، مثال طور، شيخ حسينه حڪومت خلاف احتجاج دوران مارجي ويندڙن جي ڪيسن ۾ انصاف ڏيڻ. ماهر  چون ٿا ته حڪومت کي امن امان قائم ڪرڻ، پوليس سميت مختلف ادارن کي آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ جي قابل بڻائڻ، غير تڪراري چونڊ لسٽون تيار ڪرڻ ۽ پراڻي يا نئين قانون جي بنياد تي تڪبندي ڪرڻ اھم چيلنج رھندا.

ڍاڪا يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ سياسي تجزيه نگار زبيده نسرين جو چوڻ آهي ته حڪومت لاءِ اصل چئلينج  اعتماد حاصل ڪرڻ هوندو ته اها غير جانبدار رهندي ۽ شفاف چونڊون ڪرائيندي. هڪ، ٻن جماعتن اڳ ئي حڪومت تي ”تعصب واري رويي“ جو الزام ھنيو آھي.بي اين پي حڪومت جي غير جانبداري تي سوال اٿاري چڪي آهي ۽ ٻن صلاحڪارن جي استعيفيٰ جي مطالبي تي قائم آهي.

 جماعت اسلامي (بنگلاديشي سياسي پارٽي) جي اڳواڻ شفيق الرحمان بھ خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي سگهي ٿي.مولوي بازار ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي، هن چيو ته ملڪ اهڙي چونڊ نٿو چاهي جنھن سان  افراتفري  جو شڪار ٿئي.

تجزيه نگار ۽ ڍاڪا يونيورسٽي جي پروفيسر محمد سيف العالم چوڌري بي بي سي  کي ٻڌايو ته حڪومت اڃا تائين امن امان کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.ھن جو چوڻ ھو تھ ‘نيشنل سٽيزن پارٽي (اين سي پي) کي ووٽن ۾ ڌانڌلي جو شڪ آهي. اهي الزام لڳائين ٿا ته انتظاميا بي اين پي هلائي رهي آهي. بي اين پي چوي ٿي ته حڪومت پنهنجي غير جانبداري وڃائي چڪي آهي. ھاڻي حڪومت کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اھابرابر موقعا ڪيئن ٿي ڪري. حڪومت ملڪ ۾ سڌارا آڻڻ ۾ ڪامياب نھ ٿي آھي.اعلان ڪيل وقت تي چونڊن ڪرايون ويون تھ سڌارا مممڪن نھ آھن.

ياد رهي ته گذريل سال جولاءِ ۾ عوامي ليگ حڪومت ۽ ان وقت جي وزيراعظم شيخ حسينه جي خلاف ملڪ گير احتجاج شروع ٿيا هئا. شيخ حسينه جي حڪومت جي زوال کان پوءِ ايندڙ عبوري حڪومت جولاءِ جي چارٽر تحت ملڪ گير سڌارن جو هڪ سلسلو لاڳو ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو.تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته حڪومت کي ايندڙ 10 مهينن ۾ سڌارن جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. اليڪشن ڪمشنر عبدالرحمان جي ترجمان موجب  ”ڪميشن اپريل 2026 ۾ چيف ايڊوائيزر جي اعلان ۾ ڏنل مدي اندر عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي“. بنگلاديش ۾ اڃا تائين عوامي ليگ جي حمايت ڪندڙن جو هڪ وڏو تعداد موجود آهي.تجزيه نگارن جو خيال آهي ته عبوري حڪومت کي عوامي ليگ کي پوري چونڊ عمل کان ٻاهر رکي ڪري چونڊ عمل کي ڪئين وسيع بڻائي سگھجي ٿو ؟ ياد رکڻ گهرجي ته عوامي ليگ تي چونڊ سرگرمين ۾ حصو وٺڻ تي پابندي آهي. عوامي ليگ جي دور ۾ به، بي اين پي کي ٻاهر رکندي چونڊون ڪرايون ويون. پر آخر ۾ عوام  انهن کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو.

ھاڻي وري عبوري حڪومت هڪ اهڙي سياسي جماعت تي پابندي لڳائي آهي جنهن کي خاصي عوامي حمايت حاصل آهي.ان ڪري عوامي حمايت رکندڙ سياسي جماعتن کي ٻاھر رکي ڪري شفاف چونڊون ڪرائڻ ممڪن نھ آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.