اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت مالي سال 26-2025 جي پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت صحت جي 21 منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ وڏي رقم مختص ڪري ڇڏي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته ايندڙ مالي سال ۾ صحت جي شعبي لاءِ 14.3 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جنهن سان اڳ ۾ جاري 21 منصوبن تي ڪم مڪمل ڪيو ويندو.
هن ٻڌايو ته ان بجيٽ جو مقصد صحت جي شعبي ۾ بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ، حفاظتي قدم وڌائڻ ۽ معياري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي.
انهن فنڊن سان اسپتالن ۽ طبي مرڪزن کي جديد طبي اوزار فراهم ڪيا ويندا، مقرر فنڊن مان وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ هڪ نئين ڪينسر اسپتال پڻ قائم ڪئي ويندي.
صحت لاءِ مختص فنڊن مان سڄي ملڪ ۾ هيپاٽائٽس سي ۽ شگر جي اسڪريننگ ۽ علاج تي به خرچ ڪيا ويندا.
You might also like