منڊي بهاءُ الدين:بااثر ماڻهن جي پورهيت جي گهرواري سان اجتماعي زيادتي

منڊي بهاءُ الدين (م ڊ)پنجاب جي شهر منڊي بهاءُ الدين جي علائقي ڦاليه ۾ انسانيت کي شرمائيندڙ واقعو پيش آيو، جتي بااثر هٿياربند ماڻهن هڪ غريب مزدور جي زال ۽ ڀيڻ کي اغوا ڪيو ۽ انهن مان هڪ عورت سان اجتماعي زيادتي ڪئي وئي. پوليس ڪارروائي ڪندي ٽي جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن.اطلاعن موجب، اهو ڏکوئيندڙ واقعو ٿاني ڦاليه جي حدن اندر مانو چڪ پل ويجهو پيش آيو، جتي هٿيارن سان ليس بااثر ماڻهن ٻنهي عورتن کي زبردستي اغوا ڪري هڪ گاڏي ذريعي پنڊي ڪالو جي ويجهو هڪ ويران ۽ اڌ تعمير ٿيل ڪوٺي ڏانهن کڻي ويا.اغوا جي بعد، جوابدارن ٻنهي عورتن مان هڪ کي واري واري سان جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، جڏهن ته ٻي عورت کي به يرغمال بڻائي رکيو ويو.واقعو سامهون اچڻ کان پوءِ ضلعي پوليس آفيسر (ڊي پي او) وسيم رياض خان فوري طور ڪارروائي جو حڪم جاري ڪيو، جنهن تحت پوليس مرڪزي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.انساني حقن جي تنظيمون ۽ علائقي واسين واقعي تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي ملزمان کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. واقعي سبب علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ جي فضا ڇانيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.