راولپنڊي(م ڊ)علائقي مورگاهه ۾ عيدالاضحيٰ جي ڏينهن هڪ شخص طرفان گوشت ڏيڻ جي بهاني سان عورت جي گهر داخل ٿي مبينا طور تي زيادتي جو واقعو پيش آيو، جنهن بعد پوليس طرفان جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔ايف آءِ آر موجب متاثر عورت جو چوڻ آهي ته هن جوابدار چوڌري طارق کان ٻه ڪروڙ رپين جو هڪ گهر خريد ڪيو هو، جنهن مان هڪ ڪروڙ ستر لک رپيا ادا ڪري گهر جو قبصو ورتو، جڏهن ته باقي 30 لک رپيا به ڏنا، پر جوابدار گهر جي رجسٽري ڪرائڻ ۾ مسلسل ٽال مٽول ڪندو رهيو۔متاثر عورت دعويٰ ڪئي ته جوابدار گهر تي ٻيهر قبصو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي هوءَ عدالت مان اسٽي آرڊر وٺي آئي۔ عورت ٻڌايو ته عيد جي ڏينهن طارق گوشت ڏيڻ جي بهاني سان گهر ۾ داخل ٿيو، ۽ جڏهن هن ڏٺو ته هوءَ اڪيلي آهي ته مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻايو۔واقعو پيش اچڻ بعد متاثر عورت 15 تي فون ڪري پوليس کي طلب ڪيو، جنهن تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪارروائي ڪئي، ۽ جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔