ملير (رپورٽ جميل چانڊيو) ڪراچي ۾ لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ فيڪٽرين ۾ لڳل باهه تي 30 ڪلاڪن جي مسلسل ڪوششن کان پوءِ قابو ڪيو ويو ۽ وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪيو ويو. رپورٽ موجب لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ فيڪٽرين ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات لڳل باهه تي 30 ڪلاڪن جي مسلسل ڪوششن کان پوءِ قابو ڪيو ويو ۽ وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪيو ويو. فيڪٽرين ۾ باهه کي ٿڌو ڪرڻ جو عمل جاري آهي، فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته فيڪٽرين ۾ باهه کي ٿڌو ڪرڻ هڪ کان ٻه ڏينهن تائين جاري رهي سگهي ٿو، ڪي ايم سي فائر برگيڊ، ريسڪيو 1122، ڪي پي ٽي، پاڪ نيوي، لانڍي، ڪورنگي ۽ نيو ڪراچي جي صنعتي زونن جي فائر ٽينڊر ۽ ٻين ادارن جي مدد سان باهه تي ضابطو آندو ويو. خوفناڪ باهه سبب فيڪٽرين جي عمارتن جا ڪجهه حصا ڪري پيا، جڏهن ته فيڪٽري جي عمارتن کي انتهائي نقصان پهتو آهي. سيڪريٽري لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ غلام ياسين سانگرو موجب ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات 3:37 تي، هڪ گشتي گاڏي هڪ خانگي فيڪٽري مان دونھون نڪرندي ڏٺو. جتي ڪاسميٽڪ سامان، تيل ۽ پيڪنگنگ مواد جي ڪري باهه تيزي سان پکڙجي وئي. باهه ٽن ويجهي پراڻي ڪپڙي جي گودامن ۽ ڪارخانن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو. چيف فائر آفيسر ڪي ايم سي همايون خان چيو ته ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات 3:15 وڳي لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ باهه لڳي وئي. اي پي زون ۾ ڪي ايم سي جو هڪ فائر اسٽيشن آهي، جنهن فوري طور تي جواب ڏنو. ڪولنگ آئل، سينٽائيزر ۽ پرفيوم ٺاهڻ واري فيڪٽري پوري طاقت سان سڙي رهي هئي ۽ هڪ ٻي فيڪٽري به باهه کان متاثر ٿي، باهه ايتري شديد هئي جو باهه سبب ٻاڦ ۽ گئس سبب ٽي فائر فائٽر زخمي ٿيا.