صوبن سان گڏجي نون پاڻي ذخيرن بابت فيصلا ڪنداسين:شهباز شريف

پشاور(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڻي اسان لاءِ ڳاڙهي ليڪ (ريڊ لائن) آهي، ان جو هر هڪ قطرو پاڪستانين جو حق آهي، فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۾ ڀارت کي اهڙو سبق سيکاريوويو، جيڪو هو قيامت تائين نه وساري سگهندو، مودي حڪومت شڪست جي زخمن کي صاف ڪري رهيو آهي، مان چئن ملڪن جو دورو ڪري آيو آهيان، جيڪي پاڪستان جي فتح تي خوش آهن، قوم متحد آهي ۽ هاڻ اسان کي ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا. خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال تي غور لاءِ اهم قبائلي جرڳو ڪيو ويو، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل عاصم منير، ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوهان، گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي، وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور سميت سياسي، عسڪري قيادت ۽ قبائيلي اڳواڻ شريڪ ٿيا. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا پاڪستان جو سڀ کان خوبصورت صوبو آهي، جنهن 1947 جي ريفرنڊم ۾ پاڪستان جي حمايت ڪئي، هتي جي عوام جي قربانين کي وسارڻ ممڪن ناهي، هي دلير ۽ غيرت مند ماڻهن جي سرزمين آهي، خيبرپختونخوا پوليس کي جديد ضرورتن سان ليس ڪرڻو آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ فنڊ جاري رهندا. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ خيبرپختونخوا جي حصي بابت ڪميٽي قائم ڪئي ويندي، 2010 ۾ اين ايف سي جي ايجنڊا دهشتگردي جي خاتمي سان لاڳاپيل هئي، 2010 کان اڄ تائين خيبرپختونخوا کي 700 ارب رپيا انسداد دهشتگردي جي نالي تي ڏنا ويا. هن چيو ته 7 مئي تي ڀارت حملي ۾ اسان جي ماڻهن کي شهيد ڪيو، ڀارت ڌمڪي ڏني ته پاڪستان جو پاڻي بند ڪيو ويندو، ڀارت کي ياد رکڻ گهرجي ته پاڻي اسان جي لاءِ ڳاڙهي ليڪ آهي، ۽ مسلح فوج فيلڊ مارشل عاصم منير جي اڳواڻي ۾ ڀارت کي اهڙو سبق سيکاريو جو هو قيامت تائين نه وساريندووزيراعظم ياد ڏياريو ته 2016 ۾ اي پي ايس واقعي ۾ معصوم ٻارڙا ۽ استاد شهيد ٿيا، جن ۾ فوجين جا ٻار به شامل هئا، ۽ پوءِ حڪمت عملي تحت قدم کنيا ويا، جن جا نتيجا سڀني جي سامهون آهن.شهباز شريف چيو ته قبائلي اڳواڻن جا مطالبا غور طلب آهن، جن تي گڏجي ويهي فيصلا ڪرڻا پوندا۔ علي امين گنڊاپور چيو ته اين ايف سي ايوارڊ کي 15 سال ٿي ويا آهن، هاڻ ان تي نظرثاني ضروري آهي۔ وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا جي حصي لاءِ ڪميٽي جوڙي ويندي ۽ آگسٽ ۾ پهريون اجلاس سڏايو ويندو. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا دهشتگردي خلاف جنگ جو فرنٽ لائن صوبو آهي، جڏهن ته بلوچستان به متاثر ٿيو، پر ان کي اين ايف سي جي ذريعي فنڊ نٿا ملن، ان تي به نظرثاني ضروري آهي. شهباز شريف چيو ته پاڻي جي مسئلي تي اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو، ۽ ان لاءِ چارئي صوبن کي گڏجي ويهڻو پوندو ته پاڻي جا ذخيرا ڪيئن وڌائجن ته جيئن ڀارت جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.