ٽرمپ جي اشاري تي مودي سرينڊر ڪري ڇڏيو: راهول جا مهڻا

نئين دهلي(م ڊ)انڊين نيشنل ڪانگريس جي اڳواڻ راهول گانڌي چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صرف هڪ اشارو ڪيو، فون کڻي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي چيو: "نريندر، سرينڊر!” ۽ مودي ’جي حضور‘ چوندي ساڻس اتفاق ڪري ورتو، ڇو ته کيس سرينڊر واري چٺي لکڻ جي عادت آهي،راهول گانڌي ڀوپال، مدهيه پرديش ۾ پارٽي جي هڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته "اهي ماڻهو ته هڪ سيڪنڊ ۾ سرينڊر ڪري ڇڏين ٿا، ٿورو دٻاءُ پوي ته چون ٿا: ڀيا! هي لو، سرينڊر!”، ڪانگريس اڳواڻ جو چوڻ هو ته "آر ايس ايس ۽ بي جي پي وارن کي مان چڱيءَ ريت سڃاڻان ٿو، انهن تي ٿورو دٻاءُ وڌو، ٿورو ڌڪ ڏيو، ته ڊڄي ڀڄي وڃن ٿا. آر ايس ايس ته شروعات کان ئي سرينڊر ڪرڻ جي عادي رهي آهي، هن وڌيڪ وڌيڪ چيو اُتان ٽرمپ فون ڪيو ۽ پڇيو ته مودي جي، ڇا پيا ڪريو؟ نريندر سرينڊر! انهن جو ڪردار اهو ئي آهي، اهي سڀ ساڳيا ئي آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.