وارهه ڀرسان ناري ماءُ سميت قتل، معصوم ٻار سميت 3 زخمي

وارهه (رپورٽ: منظور قريشي( وارهه لڳ ڪارنهن الزام ھيٺ  ناري ماءُ سميت قتل، سندس معصوم پٽ ۽ ڀاءُ ۽ ڀيڻيوو زخمي، ڳوٺ گل ٻرڙو ۾ گرگيج برادري ۾ مڙس ڪارنھن الزام ھيٺ گھران ڪڍيل زال کي سندس ماءُ سميت قتل ڪري ڇڏيو، سندس والد احمد علي گورگيج چيو ته 25ڏينهن اڳ منهنجي 35 سالن جي نياڻي حسينا کي سندس مڙس نور احمد گورگيج ڪارنهن جو الزام ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو هو، جيڪا معصوم پٽ سميت مون وٽ رھيل ھئي، رات دير سان گهر اندر گهڙي منهنجي نياڻي قتل ڪيو، ان دوران منهنجي گهر واري صابل ڌي کي بچائڻ  لاءِ اڳيان آئي ته قاتل ان مٿان به گوليون ھلائي کيس  سخت زخمي ڪيو، فائرنگ ۾ ماءُ سان گڏ ستل ھڪ سال جو پٽ عامر ،  12سالن گدا حسين ۽  15سالن جو دلدارحسين  چانڊيو زخمي ٿي پيا، جن کي وارھ اسپتال پهچايو ويو، جتان 55 سالن جي صابل زال احمد  کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾  لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو جيڪا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، فوتي عورتن جا لاش وارھ اسپتال مان ضروري ڪارواين بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.