ڪنڌڪوٽ (ممتازسنڌي+عرفان کوسو)ڪنڌ ڪوٽ شھر سميت ضلعي ۾ بدامني، ڀتاخوري، ڌاڙيل راڄ ۽ غنڊاگردي خلاف آل پارٽي موومينٽ ۽ شھري اتحاد پاران ستين ڏينهن تي به ٽارچون ٻاري ھٿن ۾ بينر ۽ امن جا جھنڊا کڻي گھنٽا گھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين امن مارچ ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ سوين شھرين واپارين، ھندو برادري، سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ڊاڪٽر ميھر چند، غلام مصطفيٰ ميراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، ظريت بجاراڻي، والي ڏنو سنڌي، سجاد بروھي، فدا حسين محمداڻي، شاھنواز مرھيٽو، عبدالفتاح مغل، اشوڪ ڪمار، عزيز سومرو، شعبان جکراڻي، ڇوٽو جکراڻي ۽ ٻين چيو ته امن امان نه ھجڻ ڪري عوام پريشان آهي، ڀتاخوري سبب ڪاروبار تباھ ٿي ويو آهي، حڪمران، پوليس ۽ وس وارن جي مڪمل خاموشي آهي، امن جا پياسي شھري لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، اسين مطالبو ڪريون ٿا ته ضلع ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ ڀتاخوري خلاف فوجي آپريشن ڪري ھنن جو خاتمو ڪيو وڃي.
-
تنگواڻي ۾ بدامني خلاف ريلي، بلوچستان روڊ تي ڌرڻو
تنگواڻي(رپورٽ: مھتاب ملڪ ) تنگواڻي ۾ بدامني خلاف شھري اتحاد جي سڏ تي قاري ڪفايت الله کوسو، سچل ملڪ، وقار احمد، غلام حسين باجڪاڻي، رحمدل لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جعفرآباد روڊ کان ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، ريلي ۾ جي يو آءِ اڳواڻ مولوي محمد صلاح ملڪ، جسقم جي ديشي اعجاز ملڪ، عوامي تحريڪ جي سرور گاجاڻي، پاڪستان راح حق جي مولانا شاھمور بکراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، مظاهرين وين ٽرمينل تي ڌرڻو ھنيو، جنهن سبب سنڌبلوچستان جو ايندڙ ويندڙ مين روڊ بند ٿي ويو، جنھن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ھنن چيو ته قانون جي رٽ مڪمل ختم ٿي وئي آھي، ماڻھون گھرن ۾ به محفوظ ناھن، پوليس صرف ٿاڻن تي ويھي ذاتي جھيڙي جي ڪيس جي انتظار ۾ آھي جتان پئسا ڪمائي سگھي، رات جو گشت نه ھجڻ سبب چوريون معمول بڻجي ويون آھن، ھنن گھر ڪئي ته امن امان بحال ڪرائي شھرين توڙي ڳوٺاڻن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
-
غوثپور ۾ به بدامني خلاف ستين ڏينھن مارچ
غوثپور(رپورٽ: عبدالغفار اوڳاهي) غوثپور شھر ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ وڌندڙ بدامني خلاف آل پارٽيز موومينٽ ۽ ھندو پنچائت جي سڏ تي شھرين پاران ڪالهه ستين ڏينھن به مکي محلي کان موبائيلن جون ٽارچون ٻاري ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ ڪشمور ضلعي جو امن امان بحال ڪريو، ڀتا خوري بند ڪريو جا نعرا هنيا ويا، ريلي جي قيادت جي يو آءِ اڳواڻ مولانا جمالدين، ايس ٽي پي اڳواڻ شير زمان بجاراڻي، ايس يو پي اڳواڻ صفيع لاشاري، ھندو پنچائت اڳواڻ چوڌري رميش لال، وڪيل اڳواڻ خليل احمد اوڳاھي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا، اڳواڻن چيو ته امن جا اڇا جھنڊا کڻي ڪشمور جي اسٽيڪ ھولڊرن کي چتا ٿا ڏيون ته امن بحال ڪرائڻ ۾ اوھان جي طرفان ڪوبه ڪردار سامھون نه اچڻ تي ڪشمور جو عوام مڪمل مايوس ٿي ويو آھي، پوليس ڏوھارين سان وڙھڻ لاءِ تيار ئي ناھي ته آخر ڌاڙيلن جو ستايل عوام ڪنھن کي دانھن ڏي؟.