ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مونس علوي خبردار ڪيو آهي ته جن علائقن ۾ بجلي چوري وڌي وئي آهي يا ماڻهو بل نٿا ڀرين، اتي بجلي يا ته مڪمل طور بند ڪري سگهجي ٿي يا هڪ هفتي لاءِ به بجلي بند ڪري سگهون ٿا، ڪراچيءَ ۾ جاري لوڊشيڊنگ ۽ ان جي خلاف احتجاج بابت ڳالهائيندي مونس علوي ٻڌايو ته "ڪي اليڪٽرڪ جا 37 لک صارفين 2200 فيڊرن ذريعي بجلي حاصل ڪن ٿا. انهن مان 72 سيڪڙو فيڊرن تي ڪا به لوڊشيڊنگ نه پئي ٿئي، جڏهن ته باقي 28 سيڪڙو تي يا ته بجلي چوري ٿي رهي آهي يا بلن جي عدم ادائيگي سبب لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، هن ٻڌايو ته ڪيترن ئي علائقن ۾ پوليس ۽ رينجرز سان گڏ آپريشن ڪرڻ باوجود به ڪنڊا نٿا لاٿا وڃن يا وري لاٿل ڪنڊا ٻيهر لڳايو وڃن ٿا، مونس علوي چيو ته "لوڊشيڊنگ جو وقت ان علائقي جي نقصان مطابق وڌايو ويندو آهي، جيڪڏهن نقصان 85 سيڪڙو تائين وڃي ٿو ته اتي بجلي بند ڪرڻ جو آخري آپشن به اختيار ڪري سگهون ٿا، هن چيو ته جيڪڏهن ماڻهن وٽ بل ڀرڻ لاءِ پئسا ناهن، ته بجلي گهٽ استعمال ڪن، سي اي او جو چوڻ هو ته ماڻهو پنهنجي آمدنيءَ مطابق بجلي استعمال ڪن. جيڪڏهن اوهان 14 ڪلاڪ بجلي استعمال ڪريو ۽ پوءِ بل نه ڀريو ته پوءِ لوڊشيڊنگ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، هن وڌيڪ چيو ته ڪراچيءَ ۾ في يونٽ بجلي جي قيمت ملڪ جي ٻين حصن کان مهانگي ناهي، اهو رڳو هڪ غلط تاثر آهي،مونس علوي ٻڌايو ته 15 سال اڳ ڪراچيءَ جا رڳو 6.6 سيڪڙو فيڊر لوڊشيڊنگ فري هئا، جيڪي هاڻي 70 سيڪڙو ٿي ويا آهن،ڪراچي ۾ هنيئر چار کان 6 ڪلاڪن کان وٺي 10 کان 11 ڪلاڪ لوشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن وصوليون بهتر ٿين ته 2030 تائين 90 سيڪڙو فيڊرن کي لوڊشيڊنگ کان ڇوٽ ملي سگهي ٿي.
-
سِيالڪوٽ ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ جا 18سيڪڙو ووٽ وڌيا: فافن
اسلام آباد(م ڊ) فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ (فافن) سِيالڪوٽ جي تڪ پي پي-52 جي ضمني چونڊ بابت پنهنجي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ ۾ چيو آهي ته پولنگ اسٽيشـن نمبر 169 تي ووٽن جي ڳڻپ دوران پوليس مداخلت ڪئي، پوليس اهلڪارن پارٽين جي ايجنٽن ۽ مبصرين کي هال مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ چونڊ عملو ۽ مواد پاڻ سان کڻي ويا، عورتن جو ٽرن آئوٽ 47 سيڪڙو مان گهٽجي 39 سيڪڙو ۽ مردن جو ٽرن آئوٽ 53 سيڪڙو مان گهٽجي 50 سيڪڙو رهيو، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فارم-47 مطابق مسلم ليگ (ن) جو ووٽ شيئر 41 سيڪڙو کان وڌي 59 سيڪڙو ٿي ويو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار جو ووٽ شيئر 35 سيڪڙو کان گهٽجي 29 سيڪڙو رهجي ويو.