ڪي اليڪٽرڪ سي اي او جي مغروري،سنڌ اسيمبلي ميمبر بي وسي جي تصوير:لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ کان انڪار

ڪراچي (ارباب چانڊيو) ڪي اليڪٽرڪ جو سي اي او خبر ناهي ڪهڙي طاقت رکي ٿو هن اڄ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پنهنجي غرور جو مظاهرو ڪري ڇڏيو، سنڌ اسيمبلي جي توانائي بابت خاص ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي سي او کي گهرايو ويو هو ته هو شهر ۾ جاري اڻ اعلانيل ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ بابت وضاحتون ڏئي. اجلاس دوران مختلف سياسي جماعتن سان واسطو رکندڙ اسيمبليءَ جي ميمبرن کيس لوڊشيڊنگ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ پڇاڻو ڪيو ته آخر ڪهڙي قانون تحت ڪراچي ۾ ماڻهن کي ايتري اذيت ڏني پئي وڃي؟جنهن تي سي او ڪي اليڪٽرڪ نهايت گستاخيءَ سان جواب ڏنو: لوڊشيڊنگ ختم نه ٿيندي، جيڪو ڪرڻو آهي، ڪري وٺو،ان کان پوءِ جڏهن کيس چيو ويو ته هو اسيمبليءَ جي سوالن جا جواب ڏئي، ته چيائين مان ڪنهن کي جوابده نه آهيان، جيڪو سوال ڪرڻو آهي، منهنجي آفيسرن کان پڇو ۽ اهو چئي، بي ادبيءَ سان اجلاس مان اٿي هليو ويو،اسيمبلي ميمبر هڪ ٻئي جا چهرا ڏسندا رهجي ويا،اها حرڪت نه رڳو سنڌ اسيمبليءَ جي توهين هئي، پر سڄي جمهوريت ۽ عوامي منڊيٽ تي به ڌڪ هو. سي او جو اهو رويو اهڙو هو ڄڻ چونڊيل نمائندن کي چئي رهيو هجي ته "هل ڀائو، تو جهڙا ڪيترائي آيا آهن“اسيمبلي ميمبرن ”غنڊا گردي نه هلندي،لوڊشيڊنگ نامنظور،گهٽي گهٽي ۾ گوڙ آهي، ڪي اليڪٽرڪ چور آهي“جا نعرا هڻي  احتجاج ڪيو،اجلاس بعد پ پ ايم پي اي ۽ سعديه جاويد چيو ته اسان اهو نه چونداسين ته ڪي اليڪٽرڪ جو سي اي او ڀڄي ويو پر ها اهو صحيح اهي ته هن اجلاس ۾ سوالن جا جواب نه ڏنا،سوال هي آهي ته  آخر عوام جي نمائندگي ڪندڙ اسيمبليءَ جو وقار ڪٿي ويو؟ ڪي اليڪٽرڪ جي ظلم جو سلسلو برقرار رهندو،ڪراچي وارن لاءِ ڪا به پارٽي نجات نه پئي آڻي،ان کان اڳ اجلاس دوران جماعت اسلامي جي محمد فاروق چيو ته گذريل اجلاس ۾ طئي ٿيو هو ته رات جي وقت لوڊشيڊنگ نه ٿيندي،اهو شيڊول ڪڏهن،ڪيئن ۽ ڪنهن جي اجازت سان تبديل ٿيو؟جماعت اسلامي غور ڪري رهي آهي ته اسان ڊسٽري بيوشن ڪمپني آڻيون،پ پ ميمبر آصف موسيٰ چيو ته ڪجهه واپاري پنهنجي ڪمپني آڻڻ چاهين ٿا پر توهان ان جي مخالفت ڪري رهيا آهيو، ايم ڪيو ايم جي بلقيس مختيار چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو سي اي او سنجيده ناهي ۽ پوائنٽ نوٽ نه پيو ڪري،لياري مان آزاد ميمبر سجاد سومري چيو ته توهان بار بار موبائل استعمال ڪري رهيا آهيو،هاڻي نه ڪجو،پ پ جي سعديه جاويد چيو ته گذريل اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ اختيارين ايم پي اي جي باري ۾ سخت جملا استعمال ڪيا،ان کي ان عمل تي معافي گهرڻ جو چيو وڃي نه ته اجلاس مان ٻاهر ڪڍوس،جنهن تي مونس علوي اداري پاران اسيمبلي ميمبرن سان معذرت ڪئي،اسيمبلي ميمبرن چيو ته اڄوڪو اجلاس ميمبرن جي چهري تي زبردست چماٽ آهي،چار ڪلاڪن جي اجلاس کانپوءِ چئن منٽن جي به خاطري نه ملي،اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو ته سموريون اليڪٽرڪ ڪمپنيون واعدا پورا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن،اهي اسميبلي ميمبرن سان اهو رويو اختيار ڪن ٿا ته عوام سان ڪهڙيون زيادتيون ڪندا هوندا، جڏهن ته مونس علوي صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي چيو ته ملٽي ايئر ٽيرف سان عام صارف متاثر نه ٿيندو،پوري ملڪ ۾ هڪ جهڙي ٽيرف پاليسي لاڳو آهي،2030ع تائين 90 سيڪڙو ڪراچي کي لوڊشيڊنگ کان فري ڪيو ويندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.