عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيون ڏئي رهيا آهيون:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي مقامي ھوٽل ۾ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ۽ مشھور بين الاقوامي فوڊ چين ڪي ايف سي ۾ مفاھمتي يادداشت تي  صحيحن جي تقريب ٿي. سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال حڪيم دايو ۽ ڪي ايف سي جي سي اي او رضا پير ڀائي يادداشت تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. مفاھمتي يادداشت تحت، سنڌ سرڪار ڪي ايف سي جي سھڪار سان، سنڌ جي سمورن ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز ۾ عورتن کي اسڪوٽي هلائڻ جي تربيت ڏيڻ لاءِ سينٽر قائم ڪندي.تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تازو ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل 21 لک گهرن کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ انهن گهرن جا مالڪاڻا حق عورتن کي ڏنا پيا وڃن. هاڻي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته عورتن کي مفت پنڪ اي وي اسڪوٽيون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن اهي وڌيڪ خود مختيار ٿي سگهن.هن چيو ته ھن وقت تائين 8 هزار عورتن مفت اسڪوٽرن لاءِ درخواست ڏني آهي، جن مان 140 عورتن وٽ ڊرائيونگ لائسنس آهن. ڪي ايف سي عورتن کي ڊرائيونگ جي تربيت ڏيڻ ۽ لائسنس فيس ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي،هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جلد ئي پنڪ ٽيڪسي سروس پڻ شروع ڪندي، جڏهن ته ايندڙ مهيني وڌيڪ بسون ۽ ڊبل ڊيڪر بسون پاڪستان پهچنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.