جمهوري حڪومت جا چار لازمي ڪم

تحرير: مشتاق ميراڻي

شروعات

تحقيق مطابق دنيا ۾ پنجن قسمن جون حڪومتون موجود آهن، 1- جمهوري حڪومت، 2- هائبرڊ حڪومت، 3- ڊڪٽيٽرشپ/ آمرانه حڪومت، 4- بادشاهت ۽ 5- سوشلسٽ/ ڪميونسٽ حڪومت. هر قسم جي حڪومت جي  پنهنجي فلاسافي هوندي آهي ۽ سندن حڪمراني جا طور طريقا به جدا جدا هوندا آهن. انهن جو عوام سان ڪهڙو تعلق هوندو آهي اهو به هڪ جدا نظام آهي، پر هتي اسان جمهوري حڪومت جا چار لازمي ڪم (1. شهرين جي حفاظت، 2. عوام کي بهتر زندگي مهيا، 3. حڪمرانيءَ ۾ عوام کي حصيدار بنائڻ، ۽ 4. ايندڙ نسل لاءِ سيڙپڪاري) جو تفصيل ڏنو آهي.

اِهو ياد هجي ته جمهوري حڪومت سماجي معاهدي جي نتيجي ۾ وجود ۾ ايندي آهي. ان سماجي معاهدي جا ٻه حصا آهن، هڪ ته عوام پاڻ ۾ معاهدو ڪندو آهي ته اسان کي سياسي سماج اڏڻو آهي ۽ ٻيو سياسي سماج ۾ حڪومت اسان جي مرضيءَ مطابق ٺاهي ويندي. آمريڪا جي 16هين صدر ابراهام لنڪن (1809 – 1865) موجب ته “ماڻهن جي حڪومت، ماڻهن پاران، ماڻهن لاءِ.” هتي اِهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته حڪومت عوام تي ٿورو، خيرات يا همدردي نه ٿي ڪري، پر اِهو حڪومت تي عوام جو حق آهي.

1.شهرين جي حفاظت

حڪومت هر فرد جي جان، مال ۽ عزت جي مڪمل حفاظت ڪندي آهي. مثال طور؛ پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 9 ۾ لکيو، جنهن ۾ شهرين جي جان ۽ وقار کي محفوظ ڪرڻ لاءِ حڪومت کي پابند ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ ملڪ کي ٻاهر جي حملن ۽ اندروني وڳوڙن کان شهرين کي تحفظ ڏيندي آهي. موسمي تبديلين، قدرتي آفتن (برسات، زلزلا، ٻوڏ، طوفان، سوڪهڙو ۽ سامونڊي طوفان وغيره) سان گڏ روڊ، هوائي ۽ سامونڊي سفر ۽ صنعتي حادثن، وبائن ۽ سائبر حملن کان بچاءُ حڪومت جي فرضن ۾ شامل آهن. حڪومت تي اِهو فرض آهي ته هُو عوام جي سياسي حقن جو تحفظ ڪري جيئن، آئين ۽ قانون جي حڪمراني، ووٽ ڏيڻ جو حق ۽ صاف، شفاف ۽ اڻ ڌريون چونڊون ڪرائڻ شامل آهن.

ساڳي طرح جمهوري حڪومت پنهنجي شهرين جي بنيادي انساني حقن (اظهار جي آزادي، تنظيم ٺاهڻ، احتجاج ڪرڻ، مذهبي آزادي ۽ انصاف مهيا ڪرڻ) جو تحفظ ڪندي آهي. شهرين کي مختلف قسمن جي خطرن کان بچاءَ لاءِ حڪومت ادارا ٺاهي ان ذريعي شهرين جي حفاظت ڪندي آهي. حڪومت جي اهم ذميوارين ۾ مختلف نشيدار شين کان پنهنجي شهرين کي بچائيندي آهي.  جمهوري حڪومت عوام کي معاشي بدحالي کان بچائڻ لاءِ (بک، بي روزگاري، غربت، مهانگائپ ۽ نابرابري) پنهنجون بهترين معاشي پاليسيون ٺاهي ان تي عمل ڪندي آهي.

2.عوام کي بهتر زندگي مهيا ڪرڻ  

جمهوري حڪومت جو ٻيو لازمي ڪم آهي ته اها پنهنجي شهرين کي سٺي زندگي مهيا ڪري جنهن ۾ روزگار، بهتر آمدني، گهر، پيئڻ جو پاڻي، روڊ، رستا، شهر توڙي ٻهراڙي ۾ کليل آبهوا، بهتر ٽرانسپورٽ جو نظام، تعليم، صحت، تفريح، وڻڪاري، رانديون، ميوزيم، ٿيئٽر، آرٽس ڪائونسل يا شهرين جي ملڻ جو مرڪز، ٽوئرزم، اسپتالون ۽ ٻيو انفراسٽڪچر شامل آهن. هن سڄي عمل کي سياسي فلاسافيءَ ۾ عام ڀلائي جو نالو ڏنو وڃي ٿو.

پاڪستان جي آئين جي باب ٻئي ۾ مکيه پاليسين مطابق آرٽيڪل 29 کان 40 موجب، ماڻهن جي بهتر زندگيءَ لاءِ حڪومت پابند آهي. ساڳي نموني سان آمريڪا جي آئين ۾ آرٽيڪل 1 ۾ عام ڀلائي آهي، جاپان جي آئين جي آرٽيڪل 25 ۾، فرانس جي 1958 جي آئين ۾ ۽ جرمني جي آئين جي آرٽيڪل 6-7، 20، ۽ 28 ۾ عام ڀلائي جا آرٽيڪل شامل آهن.

حڪومت ماڻهن کي خوشي مهيا ڪرڻ لاءِ سمنڊ،  ٻيلا، برپٽ، درياھ، ڍنڍون، نديون ۽ جبلن تي ٽوئرزم کي ترقي وٺرائيندي آهي ته جيئن اُتان جا شهري مختلف موسمن ۾ انفرادي طور يا خاندان سان گڏ وقت گذاري پاڻ کي خوش رکن. نوجوانن لاءِ راندين جو بندوبست ڪندي آهي.

اسان جڏهن شهرين جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان ۾ عورتون، مورت (ٽرانسجينڊر)، ٻار، نوجوان ۽ وڏي عمر جا ماڻهو شامل آهن. سٺي حڪومت ڪنهن به شهريءَ کي اڪيلو نه ڇڏيندي آهي ۽ نه وري انهن کي ذهني ۽ جسماني بيماريءَ جي علاج کان محروم ڪندي آهي. اِهو هاڻي عالمي سطح تي مڃيو ويو آهي ته حڪومت ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين هر شهريءَ جي نه صرف حفاظت ڪري ٿي پر انهن کي سٺي زندگي پڻ مهيا ڪري.

3.حڪمرانيءَ ۾ عوام کي حصيدار بنائڻ

جمهوري حڪومت صاف، شفاف ۽ آزاد چونڊن ذريعي وجود ۾ اينديون آهن. اهڙي حڪومت هر قدم تي ماڻهن کي حڪمرانيءَ ۾ شريڪ بڻائيندي آهي. مثال؛ قانونسازي ۾ انهن جا نمائندا شريڪ هوندا آهن. عوامي پاليسين ۾ ماڻهن جي راءِ جو احترام ڪيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن حڪومت جي ڪنهن به پاليسين سان عوام جو اختلاف ٿئي ته ذميوار حڪومت اُنهن پاليسين کي تبديل ڪندي آهي.

حڪمراني ۾ عوام کي حصيدار ٿيڻ لاءِ ميڊيا، سول سوسائٽي، پروفيشنل تنظيمون، انفرادي يا گڏيل عمل ذريعي حڪومت جي قانون ۽ پاليسين ۾ حصو وٺنديون آهن. سٺي حڪومت چاهيندي آهي ته حڪومتي فيصلي ۾ عوام جو راضپو شامل هجي. حڪومت ان حوالي سان مختلف سروي ڪرائيندي رهندي آهي.

حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪرڻ کان اڳ صاف، شفاف ۽ اڻ ڌريون چونڊون ڪرائي، اقتدار کٽيندڙ سياسي جماعت کي منتقل ڪندي آهي. اهڙي طريقي سان جمهوري نظام ۾ عوام جي چونڊيل جماعت کي اقتدار ڏنو ويندو آهي.

4.ايندڙ نسل لاءِ سيڙپڪاري

وقت گذرڻ سان هر شيءَ ۾ تبديلي ٿيندي رهي ٿي. ان مطابق سياسي سماج يا رياست ۾ به تبديلي کان فراريت اختيار نه ٿي ڪري سگهي. جمهوري حڪومت ۾ تبديليون هڪ للڪار (Challenges) سمجهيون وينديون آهن. ان ڪري جمهوري حڪومت ايندڙ نسل لاءِ سيڙپڪاري ڪري انهن لاءِ بهتر زندگيءَ جو اڳواٽ ئي بندوبست ڪندي آهي، پر ان جي برعڪس اهڙيون حڪومتون جيڪي آئندي جي نسل لاءِ سيڙپڪاري نه ٿيون ڪن ته اتي غربت، بي روزگاري، رهائشي مسئلا، پيئڻ جي پاڻي جي ڪمي، کاڌي جي کوٽ ۽ ٻيا انيڪ مسئلا پيدا ٿيندا. خود توهان سنڌ جو مثال وٺو ته جڏهن 1947 ۾ پاڪستاني وفاق وجود ۾ آيو ته ان وقت سنڌ جي آبادي اندازً 47 لک هئي ۽ اڄ اها 2023 جي آدمشماري تحت اٽڪل ساڍا ڪروڙ ٿي وئي آهي ۽ ان آباديءَ ۾ هر سال 2.5 سيڪڙو واڌ ٿئي ٿي. اها اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته 2050 ۾ سنڌ جي آبادي تقريباً 10 ڪروڙَ ٿي ويندي ته پوءِ سنڌ لاءِ ڪيترا معاشي ۽ سماجي مسئلا پيدا ٿيندا اِهو توهان خود اندازو لڳائي سگهو ٿا.

هتي ٻيا مثال به ڏجن ٿا، جاپان 1900 جي آبادي 4.38 ڪروڙ هئي ۽ هاڻي ان جي (2025) تقريباً 12.31 ڪروڙ آبادي آهي، فرانس جي 1900 ۾ آبادي 3.89 ڪروڙ هئي ۽ هاڻي (2025) 6.86 ڪروڙَ وڌي وئي آهي، اهڙي نموني سان برطانيه جي 1900 ۾ تقريباً 3.8 ڪروڙ آبادي هئي ۽ هاڻي (2025) وڌي تقريباً 6.95 ڪروڙَ ٿي آهي، پر انهن ملڪن ۾ جيڪڏهن توهان گهمي ڏسو ته معلوم ٿيندو ته وقت سان گڏ اُتان جي حڪومت پنهنجي ماڻهن لاءِ هڪ بهتر کان بهتر زندگيءَ جو بندوبست ڪيو آهي.

سٺي حڪومت انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري ڪري وڌيل آباديءَ لاءِ جوڳو بندوبست ڪندي آهي. جيئن ان نسل کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ٿئي ۽ انهن لاءِ اڳواٽ ئي هڪ بهتر کان بهتر زندگيءَ جو بندوبست ڪنديون آهن. جيڪا به حڪومت مستقبل جي وڌندڙ آباديءَ لاءِ سيڙپڪاري نه ڪندي ته انهن جا مسئلا وڌي ويندا ۽ ان جو ايندڙ نسل زندگيءَ جي خوفناڪ شڪل سان منهن ڏيندو.

پڄاڻي

هڪ جمهوري حڪومت مٿئين چئن ڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ آئيني طور ٻڌل هوندي آهي، جيڪڏهن جمهوري حڪومت هنن ڪمن ۾ ناڪام وڃي ٿي ته عوام تي فرض آهي ته اُهي اهڙي حڪومت کي تبديل ڪن. جمهوري طريقي سان حڪومت هلائڻ هڪ وڏي للڪار آهي. ان لاءِ حڪومت پنهنجي ادارن ۾ نه صرف سڌارا آڻي پر انهن لاءِ تعليم ۽ تربيت ذريعي نوان اهل اڳواڻ پيدا ڪري.

اڄ جي دؤر ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ هٿرادو ذهانت جي موجودگيءَ ۾ جمهوري حڪومت لاءِ مٿيان ڪم آسان ڪري ڇڏيا آهن، شرط اِهو آهي ته حڪومت پنهنجي حڪمرانيءَ ۾ شهرين کي حصيداري جا موقعا فراهم ڪري.  ان لاءِ جيڪا به جمهوري حڪومت اچي ان کي پنهنجا فرض پورا ڪرڻا آهن. جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته جمهوري حڪومت شهرين لاءِ ڄمڻ کان مرڻ تائين انهن کي بهتر کان بهترين زندگي مهيا ڪري.

اِهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪا به جمهوري حڪومت هوندي آهي اُها عوام تي ٿورو نه ڪندي آهي، پر ان تي آئيني، اخلاقي ۽ سياسي فرض آهي ته شهرين جي حقن جي حفاظت ڪري انهن لاءِ بهترين زندگي لازمي مهيا ڪري.

(همسري مئگزين جي ٿورن سان)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.