”حامي“ ڏنئي هميشه محبّت جِي نوڪري“

تحرير: ياسرقاضي

اڄ سنڌ جي قادرالڪلام شاعرَ، گھڻ پڙهيي عالمَ، محقق، سچل سائينءَ جي شارحن مان اهم شارحَ ۽ سندس مترجمَ، پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمّد ”حاميءَ“ جي وڇوڙي کي 43 ورهه پورا ٿي رهيا آهن. سندس نالي پٺيان ٺهيل ’حامي يادگار ڪميٽيءَ‘ پاران اڄ شام کيس ياد ڪندي سچل اڪيڊمي خيرپور جي آڊيٽوريم ۾ سندس ورسيءَ جي تقريب منعقد ٿي رهي آهي، جنهن ۾ مقامي اديبَ حامي صاحب جي فن، فڪر ۽ شخصيت تي ڳالهائيندا. ’حامي‘ انهن شاعرن ۽ عالمن منجھان آهي، جنهن کي گھٽ ۾ گھٽ سندس وفات کانپوءِ ايتري مڃتا يا عام ۾ ايتري سُڃاڻپ ناهي ملي سگھي، جيتري هُو لهڻي! هن جو گوناگون تخليقي توڙي تحقيقي ڪم بجا طور تي کيس سنڌ جي پهرينءَ صف جي عالمن ۾ بيهاري ٿو، پر ان جي نشر ۽ اشاعت جو ذمو جن تنظيمن تي آهي، انهن کيس ڪنهن نه ڪنهن ريت هر سال ياد رکڻ جو اهتمام ته پئي ڪيو آهي، پر ان جو پئمانو مقامي حد تائين ئي رکيو آهي ۽ کيس گھٽ ۾ گھٽ سنڌ گير سڃاڻپ ڏيارڻ ۾ به اهي ڪامياب ناهن رهيا. هر ڏيڍ ٻن ڏهاڪن ۾ نئون نسل جوان ٿئي ٿو، جنهن کي جيڪڏهن اسان پنهنجن گذري ويل مشاهير جو ادراڪ منتقل نه ڪنداسين، ته ظاهر آهي ته هو انهن کي نالي جي حد تائين به سڃاڻي ڪونه سگھندا. هنن 43 سالن ۾ جيڪي ٻه اڍائي نسل جوان ٿيا آهن، انهن ۾ اُسريل سنڌي ادب جي شاگردن منجھان به گھڻن کي شايد ’حاميءَ‘ جو نالو يا سندس ڪم جو حوالو به خبر نه هجي!

جيتوڻيڪ انهن 43 سالن مان گھٽ ۾ گھٽ 33 دفعا ته ’حاميءَ‘ جي ورسي خيرپور ويجھو سندس ڳوٺ ’سوهو قناصرا‘ ۾ ميلي وانگر وڏي پئماني تي ملهائي ويندي رهي آهي، جنهن ۾ نه رڳو سڄو ڳوٺ ۽ پسگردائيءَ جو عوام شريڪ ٿيندو آهي، بلڪه سنڌ جا برک عالم ۽ ڏاها پڻ شريڪ ٿي کيس ڀيٽا پيش ڪندا آهن. انهن ورسين مان گھڻا سالَ ته اها ورسي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي خاص دلچسپيءَ سبب مڪمل طور سرڪاري خرچ تي ملهائي ويندي رهي آهي، پر اها سرگرمي رڳو خيرپور تائين محدود هجڻ سبب ’حامي‘ رڳو ’خيرپور جو شاعر ۽ عالم‘ بڻجي رهجي ويو آهي. نه سنڌ جي ٻين شهرن (خاص طور وڏن شهرن) ۾ سندس نالي سان ميڙاڪا، سيمينار ۽ ڪانفرنسون منعقد ٿيون آهن، نه سندس ڪم بابت ٻين (گھٽ ۾ گھٽ پاڪستان جي ٻين مُک) ٻولين ۾ لکي انهن جي پڙهندڙن کي سندس بيش بها قلمي ڪم بابت آگاهه ڪيو ويو آهي، نه ئي سندس تخليقي توڙي تحقيقي ڪمَ جا ترجما ڪرڻ جو ڪو خاص اهتمام ڪيو ويو آهي. انڪري ’حاميءَ‘ کي اهو مڃتا جو مقام ناهي ملي سگھيو، جيڪو سندس قلمي پورهيي جي شايانِ شان هجي.

پروفيسر عطا محمّد سوهُوءَ پهرين جنوري 1919ع تي ضلعي خيرپور جي ڪوٽڏيجي تعلقي جي هڪ ننڍي ڳوٺ سوهو قناصرا ۾ قائم الدين سوهوءَ جي گھر جنم ورتو. پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪري، مئٽرڪ 1941ع ۾ ناز هاءِ اسڪول خيرپور مان ڪيائين. ڪجھه وقت ’پِي ڊبليو ڊي‘ کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ جلد اها نوڪري ڇڏي، وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ جي تؤنس تحت سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين، جتان 1946ع ڌاري انٽر پاس ڪيائين. بعد ۾ فيض گنج ۽ گنبٽ هاءِ اسڪولن ۾ استاد رهيو. جنهن بعد ناز هاءِ اسڪول خيرپورجي لقمان برانچ ۾ به ڪجهه وقت استاد رهيو. 1947ع ۾ کيس ٽريننگ ڪاليج (فار مين) خيرپور بدلي ڪيو ويو، جتي نوڪريءَ دؤران ’بِي. اي‘، ’بِي. ٽِي‘ ۽ ’ايم. اي‘ جا امتحان پاس ڪيائين. 1953ع ڌاري تعليم کاتي جي ملازمت تان استعيفا ڏئي ڪوٽڏجيءَ مان خيرپور رياست جي ليجسليٽِـوِ اسيمبليءَ جي ميمبر جي حيثيت سان رياست جي چونڊن ۾ حصو وٺي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ طور علائقي جي مسئلن لاءِ اثرائتو آواز اٿاري سماجي ڪمن توڙي تعليم ۽ صحت جي سڌاري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيائين. 21 آڪٽوبر 1955ع تي ون يونٽ قائم ٿيڻ سان خيرپور رياست جو وجود ختم ٿيڻ سبب سندس ميمبر جي حيثيت به پنهنجو پاڻ ختم ٿي وئي. ون يونٽ قائم ٿيڻ کانپوءِ عطا محمّد حامي، پهرين هالا ڪاليج ۽ پوءِ ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ٿوري عرصي لاءِ ٽنڊي جان محمّد، شڪارپور ۽ سکر جي ڪاليجن ۾ پڻ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رهيو. بعد ۾ ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر مقرر ٿيو، جتان 31 ڊسمبر 1979ع ۾ رٽائر ڪيائين. پاڻ علم جي حصول جو سفر نه روڪيندي نوڪريءَ جي پوئين حصي ۾ رٽائرمينٽ کان هڪ سال اڳ (1978ع ۾) ڊاڪٽر غلام علي الانا جي نگرانيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ’خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو‘ جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. سندس تحقيقي مقالو 1994ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري پاران شايع ٿيو. 2009ع ۾ ساڳئي ڪتاب جو ٻيون ڇاپو ثقافت ۽ سياحت کاتي پڌرو ڪيو. حاميءَ جو اهم ترين ڪم سچل سائينءَ جي سوانح، فڪر ۽ پيغام تي جديد نموني جي تحقيق آهي. ان کانسواءِ تعارفي، سوانحي ۽ تاريخي موضوعن تي ٿيل سندس ڪم پڻ بيمثال آهي. مٿي ذڪر ڪيل ڊاڪٽوريٽ جي مقالي کان علاوه ’حامي‘ سائينءَ جي ڇپيل قلمي پورهئي ۾ هيٺيون تصنيفون شامل آهن:

(1) ’ثمرِ حيات‘ (مضمون: 1953ع)

(2) ’درازن جا درويش‘ (مقالو: 1959ع)

(3) ’منصورِ ثاني ــ سچل سرمست‘ (تحقيق: 1964ع)

(4) ’سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعري‘ (ترتيب: 1981ع)

(5) ’نينهن جا نعرا‘ (سچل سرمست جي فارسي مثنوين جو منظُوم سنڌي ترجمو: 1983ع)

(6) ’وکريل موتي‘ (مضمون ۽ مقالا ــ مرتب: مقصود گل ــ 1983ع)

(7) ’حاميءَ جو ڪلام‘ (مرتب: محمّد علي حداد ــ 1994ع)

(8) ’ڪُلياتِ ناز‘ (مير علي نواز ”ناز“ جو ڪلام)

(9) ’ڪشف المحجُوب‘ (ترتيب)

’حامي‘ سائينءَ جي شاعري پهريون ڀيرو سندس وفات کان 4 سال پوءِ 1986ع ۾ شايع ٿي، جيڪا سندس قابل شاگردَ ۽ نامياري اديب محمّد علي حداد سهيڙي ”حاميءَ جو ڪلام“ جي عنوان سان ڇپرائي. هن مجموعي ۾ ’حاميءَ‘ جي نئين توڙي پراڻي دؤرَ جي ڪلام جي ميڙِي چونڊي شامل آهي، جنهن کي صنفن جي لحاظ کان 5 بابن (نظم، غزل، ڪافيون، قطعا ۽ رباعيون) ۾ ورهايو ويو آهي. غزل واري باب کي وڌيڪ چئن ڀاڱن (نئين دؤر جا غزلَ، پراڻي دؤرَ جا غزل، اردو ۽ سرائڪي ڪلام) ۾ ورهايو ويو آهي. ”حاميءَ جي ڪلام“ ۾ مجموعي طور 180 تخليقون شامل آهن، جن ۾ 26 نظمَ (حمد، نعتون، سلام، قصيدا، حرمين جي سفر جو منظوم بيان ۽ ٻيا نظمَ)،  52 نئين دؤر جا لکيل غزلَ، 38 پراڻي دؤر جا غزلَ، هڪ اردو قطعو، 4 اردو غزلَ، هڪ سرائڪي ڪافي نما غزل، 4 ڪافيون، 8 قطعا ۽ 46 رباعيون شامل آهن. پراڻي دؤر مان مرادَ، جميعت الشعراءِ سنڌ وارو روايتي شاعريءَ جو اهو دؤر آهي، جنهن ۾ فارسي زده شاعريءَ جو چلن عام هو ۽ ان زماني ۾ ’حاميءَ‘ ان دؤر جي گُھرجن موجب فارسيءَ گاڏڙ سنڌي شاعري ڪئي، پر جلد ئي ’حامي‘ نئين طرز ۽ ڍنگ سان پنهنجي اسلوب ۽ ڪلام جي ڍنگَ ۾ اهڙي تبديلي آندي، جو سندس غزل، نظم توڙي رباعي، نج نبار سنڌي ويس پائي، شُڌ مقامي اصطلاحن ۽ استعارن سان سينگارجي پنهنجي لهجي جي ڌار خوشبو کڻي آئي.

’حامي‘ سائينءَ جي شاعريءَ ۾ فصاحت، بلاغت ۽ سلاست، ٽنهي جو اهڙو امتزاج آهي، جو اها پڙهڻ سان هر پڙهڻ توڙي ٻڌڻ واري جي دل ۾ لهي وڃي ٿي. رُومان ۽ محبت جي رمزن جي اظهار سان گڏوگڏ وٽس عالمي اُنسَ، امن، مساوات تي ٻڌل معاشري، انسان دوستيءَ جي اپٽار سان گڏوگڏ مذهبي ڪٽرپڻي ۽ انتها پسنديءَ جي سخت نندا ملي ٿي. هو پنهنجو منشور هن ريت هڪ شعر ۾ ٻڌائي ٿو ڇڏي:

ڪنهن سان به ڪائنات ۾ ڪلفت نٿا رکون

مذهب اسانجو آهه محبّت، خدا گواهه!

سندس رباعيون ته انتهاپسنديءَ ۽ بنيادپرستيءَ کي کليو چئلينج ۽ دڙڪو آهن:

هٺُ ڪن ٿا، تڪبّر ۽ وڏائي ڪن ٿا

پردي ۾ ڀلائيءَ جي بُرائي ڪن ٿا

زاهد ٿا سڏيون جن کي، اهي ڀي ”حامي“،

الله جي نالي ۾ لُچائِي ڪن ٿا

اردوءَ ۾ به ’حاميءَ‘ جو بيان فصيح ۽ بليغ هئڻ سان گڏوگڏ، ڪيڏو سادو، سؤلو ۽ بي ساخته آهي:

میں ادیب و عالم و فاضل نہیں، کامل نہیں

ایک بھی ایسی سَنَد اب تک مجھے حاصل نہیں

ابنِ اردو بھی نہیں ”بابائے اردو“ بھی نہیں

ایک سندھی ہُوں مگر اردو سے بھی جاہل نہیں

اها ڳالهه گھٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته ’حاميءَ‘، ”حريف حرفت آباديءَ“ جي فرضي نالي سان مزاحيه ڪلام به چيو. پنهنجي دؤر جي قادرالڪلام شاعرَ جُمعي خان ”غريب“ ۽ سندس فرزند رسول بخش ”دوست“ (جيڪو ’حامي‘ صاحب سان شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪاليج ۾ گڏ پڙهندو هو) سان ’حاميءَ‘ جون منظوم طنزيه جھڙپُون به سنڌي ادب جي تاريخ جو نمڪين باب آهن.

پنهنجي مزاج ۾ دلچسپ، سڀني ۾ محبتون ورهائيندڙ، پنهنجي علم توڙي حلم ۾ ڳُوڙهو، هي انوکو انسان، پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمّد ’حامي‘، لبلبي جي ڪينسر جي موذي مرض سبب، طويل عرصو علالت ۾ گذاري، 3 جون 1982ع تي هن عارضي جهان مان اڳئين جهان پڌاريو ۽ پنهنجي دلپذير شخصيت جا اڻ مٽ نقشَ ۽ ڪڏهن نه کُٽڻ جهڙا ڳُڻَ سنڌ وارن وٽ ڇڏي، 43 ورهه اڳ اکيون پوريون.

ٻُڌائي مٺا ٻولَ ”حامي“ هليو ويو

هُيو ڏاڍو مٺڙو مزيدار ماڻهو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.