موديءَ کي ڪئناڊا ۾ رٿيل ” جِي سيون“ اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت نه ملي

نئين دهلي (ويب ديسڪ) ڇهن سالن ۾ پهريون ڀيرو ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي امڪاني طور تي ” جِي سيون“ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو.
ڪئناڊا جي ميزباني هيٺ اجلاس هلندڙ مهيني 15 کان 17 جون تائين جاري رهندو.
ڀارتي ميڊيا موجب، وزيراعظم مودي کي اڃا تائين ڪئناڊا طرفان اجلاس ۾ شرڪت لاءِ باظابطا دعوت نامو نه مليو آهي، ڀارت ۾ چوٻول هلي رهي آهن ته جيڪڏهن دعوت ڏني وئي تڏهن به مودي جي سيون سربراهي اجلاس لاءِ ڪئناڊا نه ويندو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارت کي پڪ ناهي ته نئين ڪينيڊين سرڪار ”خالصتان تحريڪ“ واري معاملي تي ڀارتي خدشن کي سنجيدگي سان وٺندي يا نه.
ٻئي پاسي ڪينيڊين جي سيون ترجمان طرفان به اجلاس لاءِ ڀارتي وزيراعظم کي دعوت ڏيڻ يا نه ڏيڻ بابت تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.