ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ڪراچي ۾ گذريل چويهه ڪلاڪن دوران مسلسل زلزلي جا ڇهه لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، مسلسل جهٽڪن سبب شهري کي ڊپ وچان گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، نيٺ شهر جي مسلسل زلزلي جو ڪارڻ ڇا آهي، ان حوالي سان چيف ميٽرولاسٽ امير حيدر جو بيان جنهن ۾ هن زلزلي ڪارڻ تي تفصيلي روشني وڌي آهي.
هن چيو ته ڪجهه دير اڳ آيل زلزلي جي جھٽڪي بابت رپورٽ اڃا ناهي آئي، جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ گذريل شام 5 لڳي 33 منٽن تي به زلزلو محسوس ڪيو ويو، جنهن جي شدت 3.6 ۽ اونهائي 10 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.
ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڏينهن کان هنيئر تائين چوٿون زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
چيف ميٽرو لوجسٽ ٻڌايو ته گذريل ڏينهن آيل زلزلي جو مرڪز قائداباد جي ويجهو هو، هڪ ٻيو لوڏو رات 1 لڳي 6 منٽن تي آيو، جنهن جي شدت 3.2 ۽ اونهائي 12 ڪلوميٽر هئي، جڏهن ته ان جو مرڪز گڊاپ ٽائون جي ويجهو هو.
امير حيدر جو چوڻ هو ته زلزلي جا لوڏا لانڍي فالٽ ريجن ۾ اچي رهيا آهن، جيڪي معمولي نوعيت جا جھٽڪا آهن.
سندس چوڻ هو ته ان فالٽ لائين تي اڄ تائين ڪنهن وڏي زلزلي جا جھٽڪا نه آيا آهن، جڏهن ته ڪراچيءَ جي ٻي فالٽ لائين ٿاڻو بولا خان جي ويجهو آهي، هي ٻئي متحرڪ فالٽ لائين آهن.
هن چيو ته اڄڪلهه معمولي شدت جا لوڏا رپورٽ ٿين ٿا، ڪيرٿر جي ويجهو به هڪ مين بائونڊري لائين موجود آهي، جتي وقت به وقت زلزلو ايندو رهندو رهندو آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته فالٽ لائين کي معمول تي اچڻ ۾ڪجهه ڏينهن لڳي سگهن ٿا ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين زلزلي جا لوڏا محسوس ڪري سگهجن ٿا.
فالٽ لائين ڇا آهي؟
امير حيدر موجب، فالٽ لائين اُن ڏار کي چوندا آهن جيڪا زمين جي اندر توانائي جي دٻاءَ سبب پيدا ٿئي ٿي، جڏهن زمين اندر تمام گهڻي توانائي گڏ ٿئي تڏهن اها فالٽ لائين ذريعي آزاد ٿئي ٿي، جيڪا زلزلي جو ڪارڻ بڻجي ٿي.
ڪراچي ۾ ڪيتريون فالٽ لائينون آهن؟
ان سوال جي جواب ۾ امير حيدر چيو ته فالٽ لائينون ڳڻڻ ڏکيو عمل آهي ڇو ته اهي اڻ ڳڻيون آهن، ڪجهه سڃاڻپ لائق هونديون آهن، ڪجهه سڃاڻپ جوڳيون ناهن هونديون، ۽ انهن جا مختلف قسم هوندا آهن، انهن جي انگ ۽ نوعيت جو صحيح ڪاٿو لڳائڻ ممڪن ناهي.
ڪراچي ۾ وڏا زلزلا ڇو نٿا اچن؟
چيف ميٽرولاجسٽ ٻڌايو ته ڪراچي ۾ موجود فالٽ لائينون اهڙي نوعيت جون آهن جو اهي رڳو گهٽ شدت وارن زلزلن جو سبب بڻجن ٿيون، جنهن سبب ڪراچي وڏن زلزلا کان بچيل رهيو آهي.
مستقبل بابت اڳڪٿي؟
امير حيدر جو چوڻ هو ته زلزلي جي اڳڪٿي ممڪن ناهي، ان ڪري اهو چوڻ به مشڪل آهي ته ايندڙ سالن دوران ڪراچيءَ ۾ زلزلا اچي سگهن ٿا يا نه.
پاڪستان جي زلزلي واري صورتحال
ماضي ۾ جاري ڪيل رپورٽ موجب، پاڪستان ۾ سيسمڪ نيٽ ورڪ جي ڊائريڪٽر ۽ محقق زاهد رفي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موجود متحرڪ فالٽ لائينز جي بنياد تي ملڪ کي زلزلي جي حوالي سان 5 زونن ۾ ورهايو هو.
زاهد رفي موجب، سڀ کان وڌيڪ خطري وارا علائقا ملڪ جا اتر وارا علائقا، مڪراني پٽي، ڪوئيٽا ۽ آزادڪشمير جا ڪيترائي علائقا شامل آهن، جڏهن ته اسلام آباد ۽ سالٽ رينج جي علائقا گهٽ خطري وارا زون آهن.
رپورٽ موجب، جيئن ته پاڪستان هندو ڪش جابلو سلسلي جي ويجهو آهي جتي هر وقت زلزلي جا لوڏا ايندا رهندا آهن، تنهنڪري گهٽ ۽ وچولي درجي جو زلزلو وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ ملڪ جي اترين علائقن ۾ ڪنهن به وقت اچي سگهي ٿو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته رڳو اُتر سنڌ ۽ مرڪزي پنجاب جا علائقا زلزلي جي خطري کان محفوظ آهن، باقي سڄي ملڪ جي هيٺان زلزلي جو سبب بڻجندڙ فالٽ لائينون گذرن ٿيون، جتي وقفي وقفي سان گهٽ يا وچولي درجي جا زلزلا ايندا رهندا آهن، جڏهن ته وڏا زلزلا گهٽ اچن ٿا.