تازا هاڪاري معاشي اشارا حڪومتي پاليسين جي درست هئڻ جو ثبوت آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تازن هاڪاري معاشي اشارن مان ثابت ٿئي ٿو ته حڪومتي پاليسيون درست رخ ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ايف بي آر جو جائزو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم عالمي شهرت يافته ڪمپنين جي خدمتن ذريعي ايف بي آر سڌارن جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم چيو ته سمورن شعبن ۾ ادارتي سڌارن جو عمل تيزي سان جاري آهي، فيس ليس ڪسٽمز اسيسمينٽ سسٽم جهڙن سڌارن جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، اسان ملڪ جي ادارن مان ڪرپشن خاتمي سميت ٻيون خاميون ختم ڪرڻ لاءِ به ڀرپور محنت ڪري رهيا آهيون.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان کي معاشي طور مضبوط بڻائڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين، جڏهن ته تازن هاڪاري معاشي اشارا حڪومتي پاليسين جي درست هئڻ جا ثبوت آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.