سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال آهي:صنعان قريشي

ڪراچي،ملير (پ ر+ڊ ر)جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌ ۾ امن امان لاءِ اربي روپين جي بجيٽ ھجڻ باوجود سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال آهي، ڪير به محفوظ ناهي، سرعام ماڻهو اغوا ۽ قتل ڪيا وڃن ٿا، اُتر سنڌ ۾ سج لهڻ سان ئي وڏا وڏا شهر بند ٿي وڃن ٿا بدامني جي باھ ڀڙڪيل آهي، لاقانونيت جو راڄ آهي، معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪري انهن جا وڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي رکي ڌاڙيل ڀُگ وٺڻ جو ماحول ٺاهي رهيا آهن، پر پوليس جو ڪو به ڪردار نظر نٿو اچي، ڪشمور مان به معصوم ٻارڙا صحبت نائچ جنهن جي عمر 13 سال ۽ احد ڇڄڻ جنهن جي عمر 12 سال آهي، کي اغوا ڪيو ويو آهي، معصوم صحبت نائچ جو وڊيو سوشل ميڊيا تي رکي ڌاڙيل کيس تشدد ڪري رهيا آهن ۽ معصوم دانهون ڪري رهيو آهي ته مونکي ڇڏايو، جيڪا سنڌ جي امن امان جي حوالي سان ڀيانڪ صورتحال آهي، هن چيو ته  ڪشمور مان اغوا ٿيل ٻن معصوم ٻارڙن صحبت نائچ ۽ احد ڇڄڻ کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.