پنجاب سنڌوءَ جو رخ موڙي رهيو آهي:نواز زئور

ميرپوربٺورو(ن ع آ)جيئي سنڌ قومي پارٽي طرفان سنڌ ھائوس تي ورڪرن جو نظرياتي تربيتي ڪلاس هلايو ويو، جنھن جو عنوان ”سنڌو درياھ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙو“ هو. ورڪرن جي تربيتي ڪلاس ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. انھي موقعي تي قومي پارٽي جي چيئرميننواز خان زئور، ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، قادربخش زئور، وقار ميراڻي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته پاڻي ھر ساھ واري جي ضرورت آھي. پاڻي بنا انسان، پکي پکڻ، جانور ۽ جيت جڻيا پنهنجو وجود برقرار نٿا رکي سگهن. نون ڪئنالن، بئراجن، لنڪ ڪئنالن ۽ ڊيمن جي تعمير سنڌو درياء جي پاڻي تي ڌاڙو آھي. پنجاب سنڌوءَ جو رخ موڙي رهيو آهي. هنن چيو ته  اڳي درياھ ميلن جا ميل سمنڊ ۾ اندر اڳتي ڌوڪيندو ويندو هو، جنهن ڪري سامونڊي ٻيٽن تي به پيئڻ لاءِ صاف ۽ مٺو پاڻي ميسر هوندو هو، پر ڪئين سالن کان درياهي وهڪرو بند هجڻ سبب لاڙ جي ساحلي ٺٽي وارن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ به پيئڻ جو پاڻي نه آهي. جنهن ڪري مقامي ماڻھو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھن. تربيتي ڪلاس ۾ ناٿو زئور، معشوق زئور، اشفاق مگھڻار، نور محمد چانڊيو، بشير ملاح، مظهر نواز، امير بخش ملاح، علي اڪبر، وسيم نواز زئور،سجاد مگھڻار.خادم ميراڻي آدرش ۽ ٻين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.