ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ مورو واقعي خلاف ڏات ڌڻي به رستن تي نڪري آيا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) ڪارپوريٽ فارمنگ بهاني سنڌ جون زمينون کسڻ ۽ موري واقعي خلاف سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. وارھ  ۾ سنڌي ادبي سنگت جي  مرڪزي سڏ تي ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌوءَ تي ٺھندڙ ڪئنالن ۽ موري واقعي خلاف   فاضل راهو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو . مظاھري ۾  آدرش اميرجان، حميد باغي، فهيم چانڊيو، سياسي سماجي اڳواڻ نياز حيدري، محسن ابڙو، مجيب چانڊيو، حبدار سنڌي، برهان سنڌ يار ۽ ٻين شرڪت ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران قائد عوام  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري کي عيسيٰ ميمڻ، بقاءُ الله بوزدار، اعجاز سولنگي، استاد گل ڏايو، اعجاز چانڊيو، استاد خالد چانڊيو، حمزه علي سوهو، سُهيل ڏايو، غلام حيدر ڪٽپر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي زرعي مستقبل، ماحوليات ۽ مقامي آبادي جي زندگي لاءِ سنڌو درياءُ تي نون ڪئنالن ۽ ڊيمن جي تعمير تباهه ڪندڙ ثابت ٿيندي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.  مقررن مطالبو ڪيو ته مورو واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، ملوث ماڻهن کي سخت سزا ڏني وڃي ۽ بيگناهه گرفتار ڪيل ڪارڪنن کي فوري آزاد ڪيو وڃي . سنڌي ادبي سنگت نوابشاهه پاران موري سانحي، زمينن جي نيلامي ۽ غير قانوني ڪئنالن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ سيڪريٽري امداد رند، شاخ سيڪريٽري بخشل باغي، ستار سُندر، منور سراج، جسقم اڳواڻ علي رضا خاصخيلي، ۽ هاري ڪاميٽي جي ذوالفقار رستماڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. خيرپور ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران ڌارين کي زمينن جي الاٽمينٽ ٻيلن تي قبضي ۽ قومي ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف احتجاج  ڪيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ سوڀوديرو پاران ڌارين کي سنڌ جي زمينن جي الاٽمينٽ ٻيلن تي قبضن، سنڌو درياهه تي ٿيندڙ ڏاڍ قومي ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ مورو جي شهيدن جي وارثن سان انصاف نه ملڻ خلاف سوڀوديرو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج جي اڳواڻي قومي شاعر استاد لالڻ چنا ذوالفقار علي سامٽيو ۽ منير ميمڻ ڪري رهيا هئا. سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد شاخ پاران مورو واقعي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ٻين سنڌ دشمن فيصلن خلاف ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن اصغر باغي، ناليواري راڳي زاھد شيخ، نصرالله ناز ابڙو، شبير لاکو، علي بخش مگسي، حميد لانگاھ ۽ ٻين چيو ته مورو واقعو انتھائي افسوسناڪ آھي، بيگناھ نوجوانن کي موت جو کاڄ بڻايو ويو ۽ بعد ۾ شھيد جي لاش سان پڻ سياست ڪري بيحرمتي ڪئي وئي. ھنن مطالبو ڪيو ته شھيد زاھد لغاري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سزا ڏني .دادو ۾  سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو جي ، شاعرن، اديبن ۽ شهرين ۽ سماجي ڌرين سنڌي ادبي سنگت دادو آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. سنڌي ادبي سنگت شاخ دادوءَ جي سيڪريٽري سجاد يوسف سومرو ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياھ تي سنڌ جي ماڻھن جو حق آهي ۽ درياءَ سان ئي ان جو جياپو آهي . هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو تہ مورو ۾ پنهنجي حقن لاءِ پر امن احتجاج ڪندڙ ماڻھن مٿان سڌيون گوليون هلايون ويون قومي ڪارڪن نوجوان زاهد لغاري ۽ عرفان لغاريءَ جي لاشن جي بي حرمتي ڪئي وئي جيڪا پوليس ۽ سنڌ حڪومت جي بربريت آهي . احتجاج ۾ پريس ڪلب دادوءَ جو جنرل سيڪريٽري غوث جهتيال، تابش بخاري، علي گوهر سومرو، نور محمد سومرو، صوفي غلام مصطفىٰ، آسي بدر، گل حسيني ابڙو، احمد خان لاشاري،ڀڳت ڪبير، عمران سومرو، امجد قمبراڻي، غلام شبير گوپانگ، محمد قاسم پنهور، مير پنهور، نظير نياز، غلام رسول پرديسي، راهب جمالي، نثار سومرو، اياز سيفي، فياض سيفي، اصغر جمالي، فقير محمد ۽ ٻيا شامل ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.