نيويارڪ(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان جو هڪ اعليٰ سطحي وفد نيويارڪ پهچي ويو آهي، جتي هو ڀارت جي جنگي جنون خلاف پاڪستان جو ڪيس عالمي سطح تي پيش ڪندو. وفد 2 جون تائين نيويارڪ۾ ترسيل رهندو. ذريعن موجب پاڪستاني وفد گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن سان اهم ملاقاتون ڪندو، جن ۾ تازين پاڪ-ڀارت تڪرارن تي پاڪستان جو موقف ڀرپور نموني پيش ڪيو ويندو. وفد نيويارڪ ۾ او آءِ سي گروپ کي به خاص بريفنگ ڏيندو. چيئرمين بلاول ڀٽو اڱاري ڏينهن گڏيل قومن ۾ صحافين جي تنظيم جي نمائندن سان به ملاقات ڪندو، جنهن دوران پاڪستان جو موقف عالمي ميڊيا تائين مؤثر نموني پهچائڻ لاءِ حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. بلوچستان ۾ سڀني دهشتگرد تنظيمن کي “فتنه الہندوستان” جو نالو ڏنو ويو آهي. 3 جون تي بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ وفد واشنگٽن روانو ٿيندو، جتي هو 6 جون تائين ترسيل رهندو. واشنگٽن ۾ وفد آمريڪي عملدارن، ٿنڪ ٽينڪس، مختلف شعبن سان لاڳاپيل پاڪستانين، صحافين ۽ ماهرن سان ملاقاتون ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.