ڪوئيٽا (م ڊ) فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي نيٽ ورڪن جي پٺيان ڀارت جو هٿ آهي. ڪوئيٽا ۾ جرڳي کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته ڀارتي پراڪسي وار هاڻي لڪيل ناهي رهيو پر کليل جارحيت ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، دشمن جي هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين، پاڪستان آرمي هر خطري جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيارآهي. فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جي نيٽ ورڪن جي پويان ڀارت جو هٿ آهي، اسان وٽ ڀارتي مداخلت جا ثبوت موجود آهن، دشمن جي ارادن کي هر حالت ۾ ناڪام بڻائينداسين، جيڪو دشمن اسان جي خودمختياري کي چئلينج ڪندو، ان کي سخت جواب ڏنو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير ڪوئيٽا ۾ قبائلي سردارن جي گرينڊ جرگي کي گڏجي خطاب ڪيو جنرل عاصم منير چيو ته اسان دشمن جي گندي ارادن کي هر صورت ناڪام بڻائينداسين، اندروني هجي يا ٻاهرين، جيڪو به دشمن پاڪستان جي خودمختياري کي للڪاريندو، ان کي سخت ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو. فيلڊ مارشل چيو ته پاڪ فوج هر خطري سان منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهي، بلوچستان جي امن تي ڪو به سودو نه ٿيندو، پاڪستان جو مستقبل بلوچستان جي استحڪام ۽ خوشحالي سان ڳنڍيل آهي. بلوچ عوام جي حوصلي ۽ سهڪار سان دشمن کي شڪست ڏينداسين .