مورو (عوامي آواز نيوز)موري ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياهه تي غيرقانوني ڪينالن جي اڏاوت خلاف زوردار احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جيڪو نادرا آفيس کان شروع ٿي مورو پريس ڪلب تائين جاري رهيو. احتجاج جي اڳواڻي پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن روشن ٻرڙو، سيد منير حيدر شاهه، فلڪ شير اوڏ ايڊووڪيٽ قادر ڪورائي اسلم ڪوريجو. رضا بهڻ ياسين سومرو سميت ٻين ڪئي.احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا جن تي "سنڌو مٿان ڪينال نامنظور”، "ڪارپوريٽ فارمنگ بند ڪريو” ۽ "سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا بند ڪيا وڃن” جهڙا نعرا لکيل هئا،ريلي ۾ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،مظاهرو ڪندڙن سخت نعريبازي ڪندي وفاق ۽ صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي زمينن تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ قبضي بند ڪيو وڃي. منير حيدر شاهه ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته اها وڏي ستم ظريفي آهي جو ڪينالن خلاف پرامن احتجاج ڪندڙن تي بي دردي سان گوليون هلائيون ويون، جنهن سبب مورو جا ٻه ڳڀرو نوجوان زاهد لغاري عرفان لغاري شهيد ڪيا ويا،سنڌ ۾ 8 مهينن کان پرامن تحريڪ هلي رهي هئي ان کي پ پ ۽ ڪمپني سرڪار تڪراري بڻائڻ چاهين ٿيون،اسان جا حوصلا اڃا به بلند آهن،ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال نامنظور آهن، اڄ مورو شهر ڪرفيو واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، جتي ڪيترن ئي ڏينهن کان موبائيل نيٽ ورڪ بند آهي، ڪاروبار ٺپ آهي ۽ ماڻهو سخت پريشان آهن،اسان موري جي باشعور ماڻهن کي چئون ٿا ته گهرن کان ٻاهر نڪرو،ظالم مافيا راڄ خلاف احتجاج ڪيو وڃي،سڄي سنڌ توهان سان گڏ بيهندي،هنن چيو ته سنڌ جي زمينن تي غيرقانوني طور تي ڪئنال ڪڍي سنڌو درياهه جو رخ موڙيو پيو وڃي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي عوام کي قبول نه آهي. سنڌين کي سندن ڌرتي تي ٻانهن وانگر رهايو پيو وڃي، جيڪو ظلم جي انتها آهي.اسان جي آواز کي دٻائڻ لاءِ رياستي طاقت استعمال ڪئي پئي وڃي، پر سنڌ جا ماڻهو هاڻ جاڳي چڪا آهن. هي ويڙهه صرف زمين جي نه پر پنهنجي وسيلن، وجود، ۽ حقن جي آهي. جلسي جي آخر ۾ سنڌ جي وحدت ۽ حقن جي حفاظت لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ورجايو ويو مورو ۾ اڃا تائين ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي، جتي ماڻهن جي آزادي محدود، واپار بند، ۽ روزمره جي زندگي سخت متاثر آهي. مقامي حڪومت فوري طور تي رياستي جبر بند ڪري، نيٽورڪ بحال ڪري ۽ شهيد نوجوانن جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.