ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سڌ سماءُ ۽ ٽرانسپورٽ واري سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هاڻ ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ هلندڙ رڪشن ۽ ٽيڪسين تي ميٽر لڳائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي ۽ انهن لاءِ سرڪاري طور تي ڪرايو مقرر ڪيو ويو آهي، ٽرئفڪ پوليس ان بابت سخت ڪارروائي ڪندي ۽ حڪومت ڪنهن به دٻاءَ کي قبول نه ڪندي، اهي ڳالهيون هن ڊي ايڇ اي فيز 8 ۾ مرزا صديق بيگ جي لاڏاڻي تي تعزيتي اجتماع کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيون، هن چيو ته سنڌ حڪومت چيئرمين بلاول ڀٽو جي جديد نظرئي تحت عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن جن ۾ پنڪ بسون، ماحول دوست اليڪٽرڪ بسون ۽ خودڪار ڪرائي وارو نظام شامل آهن، جنهن سان موبائل ايپ ذريعي بڪنگ، سفري معلومات ۽ روٽ تفصيلون موجود آهن، شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته شهر کي ماحولي آلودگي کان بچائڻ لاءِ اليڪٽرڪ ٽيڪسين ۽ انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم متعارف ڪرايو پيو وڃي، هن چيو ته 139 ڊبل ڊيڪر ۽ اليڪٽرڪ بسون جولاءِ تائين پاڪستان اچي وينديون، پيپلز بس سروس جو ڪامياب آغاز ڪراچيءَ کان ٿيو، هاڻ اها حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص تائين پکڙجي چڪي آهي، روزانو 61 هزار مسافر سفر ڪري رهيا آهن.