بدامني خلاف شڪارپور بچايو تحريڪ پاران امن ريلي ۽ ڌرڻو

شڪارپور(رپورٽ:ذوالفقار مگسي )شڪارپور بچايو تحريڪ جي سڏ تي شھر ۾ بدامنيءَ خلاف امن ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾  جميعت علماءِ اسلام،جميعت علماء پاڪستان ، جماعت اسلامي، جيئي سنڌ  محاذ، پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن، جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌ فنڪار اتحاد، آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن، سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن ، ماٽا،اسٽامپ وينڊر،ھندو پنچائت يونين،پروفيسر ايسوسيئيشن ،لکيدر يونين پڙي ايسوسيئيشن،سول سوسائٽي،سمبارا اسڪائوٽ اوپن گروپ، انجمن طلباءِ اسلام، گسٽاجي اڳواڻن قاري مجيب الرحمان مدني،مولانا مسعود احمد قادري ،استاد عبدالوھاب ڪاغذي ،پروفيسر پرڪاش لال،مولانا مشتاق احمد سھندڙو،ڪامريڊ احسان جيھو،عبدالغفور دايو،ڏاڏو طاھر سومرو،صاحبزاده فضل الله نوراني،الاھي بخش شيخ،ڪامريڊ اسدالله سومرو،عادل جان شيخ،ايڊوڪيٽ علي اصغر پھوڙ،حاجي عبدالفتاح مھر،سميع بلالي،عبدالسميع ڀٽي،مولانا صدرالدين مھر،بشير احمد لاشاري،اياز ڪاڪيپوٽو ،سيد آصف علي شاھ، امداد علي سومرو، رفيق احمد دايو، ظفر کوکر ۽ ٻين پاران بدامنيءَ خلاف جھاز چوڪ کان نڪتل احتجاجي امن ريلي جي لکيدر تي لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته شڪارپور بدامني جو ڳڙھ بڻجي چڪو آھي هر ٻئي ڏينهن اغوا، ڦرون، چوريون،ڌاڙا معمول بڻيل آهن، منشيات، جوا جا اڏا، آڪڙا پرچي جو ڪاروبار شڪارپور ۾ عام ھلي رھيو آھي،هنن چيو ته شھر جي واپارين کي ڀتي جون پرچيون ملي رھيون آھن، پوليس جي نااھلي ختم ڪئي وڃي ۽ ايماندار پوليس آفيسر مقرر ڪيا وڃن شھر ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون وڃن اڳواڻن چيو ته شڪارپور ۾ امن بحال نه ٿيو ته 13 جون تي لکيدر گھنٽا گھر چوڪ تي ڀرپور احتجاجي مظاھرو ڪري احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي ويندي،ريلي ۾ مولانا حافظ محمد صديق سنڌي سڪندري،عبدالغفور مصطفائي،مولانا زڪريا پھوڙ،مولان محمد رشد قادري، مولانا محمد سليمان ،مکي گوپال داس،گرمخداس،مير حسيب خان مگسي،ڪائونسلر حاجي فائق علي ميمڻ،مولانا صبغت الله قادري،ڪامريڊ شريف جعفري،محمد حيات جيھو،راشد معرفاڻي،ديدار بلوچ،ڪامريڊ محمد بخش جيھو، علينواز جيھو،مستري زاڪر حسين ابڙو،مستري وسيم ابڙو،محمود احمد ٻرڙو،محمد ثاقب پٺاڻ ،صمد پيرزادو،امتياز لاشاري ،فيصل ڀيو ۽ ٻين پاران شرڪت ڪئي وئي

  • غوثپور ۾ بدامني ۽ ڌاڙيلن جي قهري ڪاررواين خلاف  احتجاجي  مارچ

غوثپور (رپورٽ :عبدالجبار اوڳاهي)غوثپور ۾ بدامني، ڀتا خوري ۽ ڌاڙيلن جي لاڳيتو قھري ڪارواين خلاف ٽئين ڏينھن به احتجاجي مارچ ڪري امن جي بحالي ۽  ڪشمور پوليس جي نااھلي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي، آل پارٽيز موومينٽ  ۽ ھندو پنچايت جي سڏ تي ٽئين ڏينھن به شھر جي سياسي، سماجي ۽ مذھبي جماعتن توڙي ھندو پنچايت جي اڳواڻن شھر جي مکي محلي کان موبائيلن جون ٽارچون ٻاري ھڪ وڏي ريلي ڪڍي جيڪا مين انڊس ھا۽ وي واري علائقي ۾ اچي ختم ٿي،اڳواڻن مولانا جمالدين اوڳاھي،چوڌري رميش لال، مولانا اسدالله،وڪيل خليل احمد، سيد سھي شاھ، نارائڻ ناز،صفيع لاشاري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته شھر ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني ۽ ڦرلٽ تي ٻنجو نه اچڻ سبب ڪوبه شھري ۽ ڪاروباري ماڻھو محفوظ ناھي، ڪشمور کان خانپور تائين ڏوھارين جو راڄ آھي، عوام مايوس ٿي ويو آھي ۽ ڪاروباري طبقو سخت پريشان آھي،ھنن چيو ته اسين امن خاطر پورو ھفتو مارچ ڪري ڪشمور جي ستل پوليس ۽ ستل نمائندن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪريون پيا ۽ اسانجي ھي جدوجھد جاري رھندي۔

  • ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني ۽ ڀتا خوري خلاف چوٿين ڏينهن احتجاجي مارچ

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ شھر سميت ضلعي ۾ بدامني ڀتاخوري غنڊاگردي خلاف آل پارٽيز موومينٽ  ۽ شھري اتحاد جي سڏ تي سوين شھرين چوٿين ڏينهن تي به امن جا جھنڊا، کڻي ڊاڪٽر ميھر چند، غلام مصطفيٰ ميراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، ساگر بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گھنٽا گھر چوڪ کان امن جا گيت ۽ نعرا ھڻندي پريس ڪلب تائين امن مارچ ريلي ڪڍي وئي، انھي موقعي اڳواڻن امن ريلي کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته آخر امن امان ڪرائڻ ۾ پوليس ڇو بيوس ۽ نااھلي جو مظاھرو ڪري رھي آهي، وس وارا به خاموش تماشائي بڻيل آهن،  حڪمرانن جي به خاموشي آهي اسين مطالبو ڪيون ٿا ته ڏوھارين، ڀتاخورن جي خلاف فوجي آپريشن ڪري انھن جو خاتمو ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.