صوبن جا هڪ هزار ارب رپيا وفاق کي منتقل ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد(قربان بلوچ )حڪمران جماعتن جي نااهلي سبب 15 سالن کانپوءِ ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ جا فائدا ٻيهر وفاق وٽ واپس وڃي رهيا آهن،ارڙهين ترميم کان اڳ عوام کي بيوقوف پئي بڻايو ويو ته وفاق وسيلا نه پيو ڏئي ان ڪري توهان جي ڏکن جو ازالو نه پيا ڪري سگهون،سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته صوبا خاص طور سنڌ،بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا پاڻ ۾ اها اهليت ڇو نه آڻي سگهيا جو وفاق کي اهڙو قدم کڻڻو پئجي رهيو آهي؟ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران جيڪا ايندڙ بجيٽ پيش ٿي رهي آهي ان ۾ ننڍن صوبن جي عوام جا ڪپڙا چوري ڪرڻ جو پورو بندوبست ڪيو ويو آهي،ان جون ذميوار حڪمران جماعتون آهن جيڪي اين ايف سي ۽ انتظامي معاملن ۾ 15 سال گذرڻ باوجود پنهنجي صلاحيت پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ويون،ذريعن موجب بي آءِ ايس پي جي  فنڊنگ اڳ ۾ وفاق جو ذمو هوندي هئي، نئين مالي سال ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ 7 کان ساڍا 7 سئو ارب رپيا هوندي،نئين تجويز اها آئي آهي ته اهو بار وفاق نه صوبائي حڪومتون کڻنديون،ڊونرز ۽ وفاقي نمائندن جو موقف آهي ته بي آءِ ايس پي جو فائدو صوبائي عوام کي ٿي رهيو آهي،ان ڪري ان جي فنڊنگ جو بار به صوبائي حڪومتون ئي کڻن،اها تجويز غور هيٺ آهي،عالمي مالياتي ادارا ۽ ملڪي مالياتي ادارا ان حوالي سان ڪيس تيار ڪري چڪا آهن،پنجاب ۽ ڪي پي حڪومتون ان حوالي سان راضي آهن جڏهن ته پ پ سرڪار سان ڳالهيون هلندڙ آهن،غالب امڪان اهو آهي ته سنڌ حڪومت به ان تي راضي ٿي ويندي،ٻي تجويز اها آهي ته ٽيڪس وصولين کي قومي سلامتي جو حصو بڻايو وڃي،ان حوالي سان تجويزون آهن ته دفاعي بجيٽ ۾ واڌ ٿيندي،وفاقي سرڪار اهي 700 ارب رپيا دفاعي بجيٽ ڏانهن منتقل ڪندي،ان کان علاوه صوبن کي دفاعي بجيٽ لاءِ پنهنجي بجيٽ جو پنج سيڪڙو حصو ڏيڻو پوندو،اها تجويز به غور هيٺ آهي،ذريعن موجب صوبائي حڪومتون ان تجويز کي به مڃي وٺنديون،وفاقي حڪومت جو اهو موقف آهي ته اهي قدم ارڙهين ترميم تي ان جي روح مطابق عملدرآمد جي حوالي سان آهن،2009ع ۾ آندل اين ايف سي ايوارڊ وقت صوبن جو چوڻ هو ته سماجي شعبن جو بار صوبن کي منتقل ٿيندو،انهن ۾ صحت،تعليم،هيڪ جو بار ته صوبن کڻي ڇڏيو پر ورٽيڪل پروگرامز جهڙوڪ پوليو،مليريا،ڪووڊ بابت فنڊنگ جو بار به صوبن کي کڻڻو پوندو،ٻئي پاسي  انهن وزارتن، جن جي منتقلي ارڙهين ترميم تحت ٿيڻ گهرجي ها، پر عمل نه ٿيو (جهڙوڪ زراعت، صحت وغيره)، سي هاڻ مڪمل طور تي صوبن ڏانهن منتقل ڪيون وينديون، ۽ انهن جو مالي بار وفاق نه کڻندو،جڏهن ته اها به تجويز پيش ٿي آهي ته صوبن وٽ جيڪي مالي وسيلن جو سرپلس موجود آهي – تقريباً 1000 ارب رپيا  تن کي وفاق پنهنجي بجيٽ ۾ شامل ڪندو، ڇاڪاڻ ⁠ته صوبا انهن رقم کي استعمال ڪرڻ جي صلاحيت نٿا رکن،ايندڙ وقتن ۾ صوبن جا سرپلس هڪ هزار ارب رپيا وفاقي سرڪار استعمال ڪندي،ساڃاهه وند حلقا اهو سوال اٿارين ٿا ته 15 سال اڳ اين ايف سي جي مد ۾ صوبن کي جيڪي مالي وسيلا مليا ۽ ارڙهين ترميم جي صورت ۾ جيڪي وزارتون ۽ انتظامي اختيار مليا،صوبائي حڪومتون اها صلاحيت پيدا ڇو نه ڪري سگهيون جو کين هڪ هزار ارب رپيا وفاق کي ڏيڻا پئجي رهيا آهن،انهن صوبن جو عوام هاڻي صوبائي حڪومتن کان سوال ڪري ته ان عرصي ۾ انهن صوبن جي ترقي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڇا ڪيو؟ جيڪڏهن انهن ائين ناهي ڪيو ته ان جو جواب ڪير ڏيندو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.