نئين دهلي (م ڊ )ڀارتي فوج پهريون ڀيرو پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ دوران پاڪ ايئرفورس هٿان پنهنجن جنگي جهازن جي تباهي جو اعتراف ڪري ورتو،آمريڪي رسالي بلوم برگ کي انٽرويو ڏيندي ڀارتي چيف آف ڊي فينس اسٽاف جنرل انيل چوهاڻ چيو ته پاڪستان سان چڪرين دوران ڀارت پنهنجا جنگي جهاز وڃايا، جڏهن ته 6 ڀارتي جهازن جي ڪيرائڻ بابت سوال تي جنرل انيل چوهاڻ جهازن جو انگ ٻڌائڻ کان پاسو ڪندي چيو ته انگ اهم ناهي، اسان لاءِ اهم اِهو آهي ته جهاز ڪِريا ڇو،جنرل چوهاڻ وڌيڪ چيو ته اسان چڪرين دوران ٽيڪنيڪي غلطيون ڪيون، جنهن جو احساس آهي، اصل ڳالهه اها آهي ته ڀارتي جهاز ڇو ڪريا، جڏهن ته ٽيڪنيڪي غلطيون سڌارڻ کانپوءِ جهازن ڊگهي هدف کي نشانو بڻايو.