دڙي ويجهو بيروزگاري سبب سال اڳ شادي ڪندڙ نوجوان جو آپگهات

دڙو/جهوڪ شريف( منٺار ٺاراڻي+حاجي خان جلالاڻي) دڙي ويجهو ابڙال جي ڳوٺ الھڏنو  خاصخيلي ۾ هڪ سال اڳ شادي ڪندڙ 25 ورهين جي نوجوان مرتضيٰ خاصخيلي بي روزگاري ۽ گهرو پريشانين سبب گهر ٻاهران بيٺل وڻ ۾ ڪپڙي جو ٽوال ٻڌي ڦاهو کائي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو ڳوٺاڻن لاش وڻ ۾ ٽنگيل ڏسي وارثن کي اطلاع ڏنو جن نوجوان جو لاش وڻ مان لاهي پوليس کي اطلاع ڏنو پر 2 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي جنهن ڪري لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيو ۽ پوسٽ مارٽم ٿي نه سگهيو جڏهن ته نوجوان جي مبينا آپگهات سبب گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو هوڏانهن وارثن ٻڌايو ته مرتضيٰ خاصخيلي جي هڪ سال اڳ شادي ٿي هئي هو بي روزگاري ۽ گهرو مسئلن جي ڪري پريشان رهندو هو جنهن ڪري هن اهڙو قدم کنيو آهي

  • مٽياري لڳ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 نوجوان فوت

مٽياري(ڊ ر)مٽياري لڳ پليجاڻي موري وٽ  نصرپور روڊ تي ٽرڪ جو موٽرسائيڪل سوارن کي ٽڪر موقعي تي 2 نوجوان فوت ٿي ويا، ٽرڪ ڊرائيور ٽرڪ سميت فرار ٿي ويو، جڏهن ته لاشن جي سڃاڻپ نوجوان راشد بروھي ۽ سبحان بروھي طور ٿي ٻئي ڀائر ٻڌايا پيا وڃن، آخري اطلاعن تائين لاش روڊ تي پيل هئا، پوليس موجب ٻن موٽر سائيڪلن کي ٽرڪ جو ٽڪر لڳو جنھن ۾ 2 نوجوان موقعي تي فوت ٿي ويا ۽ 2 نوجوان سخت زخمي آھن جن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.