ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 16، 16 ڪلاڪ بجلي بند، احتجاجي مظاهرا

ملير/ ڪراچي(نمائندا) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بنا اطلاع جي بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪرڻ تي ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف عوام سراپا احتجاج بڻجي ويو، ملير هالٽ کان قائدآباد نيشنل هاءِ وي جي ٽريڪ تي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين احتجاج سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ماڻهو پريشان ٿي ويا، مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ملير، شادمان ٽائون، قائدآباد، ملير 15، ملير سٽي ۽ ملير ڪورٽ جي آسپاس وارن علائقن کي سخت بجلي جي بندش کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ، 16 ڪلاڪ بجلي نه هوندي آهي، جنهن سبب شديد گرمي ۾ هيٽ اسٽروڪ سميت صحت جا ٻيا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، ۽ مريضن کي سخت تڪليف پيش اچي رهي آهي، ٻئي پاسي ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي ۽ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه پاران مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ويون، بجلي بحالي جو يقين ڏيارڻ بعد مظاهرين پاران احتجاج ختم ڪيو ويو جنهن بعد ٽريفڪ بحال ٿي وئي، هوڏانهن ڪي اليڪٽرڪ جو دعويٰ آهي ته بجلي چوري وارن علائقن کي لوڊشيڊنگ کان ڇوٽ ناهي، جتي بلنگ معمولي طريقي سان ٿي رهي آهي، اتي بجلي بند نه ڪئي ويندي آهي، شديد گرمي جي باوجود ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ رات 12 وڳي کان صبح تائين لڳاتار بجلي بند ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي، جنهن سبب عوام عذاب ۾ اچي ويو آهي.واضح رهي ته ڪي اليڪٽرڪ گذريل سال سنڌ حڪومت کي يقين ڏياريو هو ته رات 12 وڳي کان صبح 7 وڳي تائين ڪنهن به علائقي ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.