ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي معاملي تي ڪوئيٽا ۾ گرينڊ جرگو ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم، فِيلڊ مارشل سميت ٻين اعلى عملدارن شرڪت ڪئي، ان دوران وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ ناراض بلوچن جي واپسي لاءِ بلوچ اڳواڻن کان تجويزون گهريون ۽ دعوت ڏني ته هو مسئلن ۽ خرابين جي نشاندهي ڪن ۽ حڪومت سان ڳالهين لاءِ اڳتي اچن، جيئن گڏجي مسئلن جو حل ڪڍي سگهجي ۽ بلوچستان جي ترقيءَ لاءِ اڳتي وڌي سگهجي، ڪوئٽا ۾ بلوچستان گرينڊ جرڳي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ مالي سال ۾ هڪ هزار ارب رپين جي ترقياتي پروگرام ۾ بلوچستان جو حصو 250 ارب رپيا هوندو، جڏهن ته ڪوشش هئڻ گهرجي ته ترقياتي پروگرام جا اهي فنڊ شفاف طريقي سان خرچ ڪيا وڃن، هن چيو ته 6 ۽ 7 مئي تي ڀارت پاڪستان تي جيڪو حملو ڪيو هو، تنهن ۾ پاڪ فوج جي بهترين ڪارڪردگي ۽ بهادري سبب دشمن کي اهڙي شڪست ملي جو هو سڄي عمر وساري نه سگهندو. ان حوالي سان مان بلوچستان جي ڀائرن ۽ ڀينرن سميت ٻين صوبن جي ڀائرن ۽ ڀينرن جو به ٿورائتو آهيان، جيڪي پاڪ فوج سان ڪلهي سان ڪلهو ملائي بيٺا، شهباز شريف چيو ته وزيراعظم طور تي مان ان عرصي دوران سڀني واقعن جو اکين ڏٺو شاهد آهيان، مان توهان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هن مختصر مگر انتهائي خطرناڪ جنگ ۾، سپه سالار فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي دليري ۽ انتهائي منظم قيادت هيٺ پاڪ فوج نه رڳو هي جنگ کٽي، پر توهان جو سر فخر سان مٿي ڪيو ۽ 1971 جو به بدلو ورتو، هن چيو ته جڏهن پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت بڻيو، تڏهن سڄي دنيا ڏٺو ته پاڪستان ڀارت جي 5 ايٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ 6 ڌماڪا ڪري انهن جا هوش خطا ڪري ڇڏيا، ۽ اها عزت الله تعاليٰ نواز شريف کي عطا ڪئي.هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪوئيٽا ۾ هتي جا وڏا گڏ ٿيا ۽ قائداعظم جي قيادت کي تسليم ڪندي بلوچستان کي پاڪستان جو حصو بڻائڻ جو اعلان ڪيو، مون هڪ ڀيرو نه، پر ڪيترن ئي موقعن تي وڏي ڀاءُ جي آواز سان آواز ملائيندي اهو چيو آهي ته بلوچستان پاڪستان جو خوبصورت صوبو آهي، جتي جا ماڻهو دلير ۽ بهادر آهن، پر جيڪڏهن ڪا گلا يا شڪايت آهي، ته اها ڀاءُ بڻجي ويهي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرجي، شهباز شريف چيو ته دهشتگرد رت جا پياسا آهن، اهي غيرن جا ايجنٽ آهن ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي انهن کي نٿي وڻي، انهن جو رستو ۽ انهن جا حربا توهان کي ناڪام بڻائڻا آهن، ان حوالي سان اهي ڪهڙا نقص آهن، جيڪي توهان جي صلاح سان اسان دور ڪري سگهون ٿا؟ هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ پنجاب پنهنجو حصو بلوچستان ۾ شامل ڪيو، بلوچستان جي اها گهرج هئي ته اين ايف سي ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي، ان وقت پنجاب پنهنجو 11 ارب رپين جو حصو بلوچستان جي اين ايف سي ۾ شامل ڪيو، تڏهن وڃي 2010 ۾ اين ايف سي ايوارڊ تي صحيحون ٿيون، هن چيو ته نواز شريف جي دور ۾ بلوچستان ۾ بي حساب ترقي ٿي، جڏهن ته ايندڙ بجيٽ ۾ هڪ هزار ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ مان 250 ارب رپيا خاص طور تي بلوچستان لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن، ڪوشش هئڻ گهرجي ته ترقياتي پروگرام جا اهي فنڊ شفافيت سان خرچ ڪيا وڃن، وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪجهه مهينا اڳ سڄي دنيا ۾ تيل جون قيمتون گهٽجي ويون، جنهن جو 10 رپين جو فائدو پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ٿيو، جيڪو لڳ ڀڳ ڏيڍ ارب رپيا بڻيو، ۽ اها رقم ”خوني شاهراهه“ جي نالي سان مشهور اين-25 جي اپ گريڊيشن لاءِ مختص ڪئي وئي، بلوچستان جو وسيع علائقو سيڙپڪاري جي واڌ لاءِ مطالبو ڪري ٿو، توهان جا جاگرافيائي فاصلا اهڙا آهن جو انهن تي اربين کربين رپيا به لڳايا وڃن ته به اهي فاصلا مڪمل طور ختم نٿا ٿي سگهن، هن وڌيڪ چيو ته توهان کي ڪجهه گلا شڪايتون ضرور هونديون، پر اهي دهشتگرد، نه توهان برداشت ڪري سگهو ٿا، نه مان، نه پاڪ فوج ۽ نه ئي ڪو ٻيو. تنهنڪري جيڪي ماڻهو رستو وڃائي ويٺا آهن، انهن کي اسان سڀني کي گڏجي واپس آڻڻو پوندو، شهباز شريف چيو ته مان توهان کي پڪ ڏيان ٿو ته منهنجي حڪومت ۾ بلوچستان سان معاشي يا سماجي ناانصافي جو تصور به نٿو ٿي سگهي. ترقي، خوشحالي ۽ بدامني گڏجي نه ٿا هلي سگهن.