آءِ ايم ايف بِٽ ڪوائن مائننگ ۽ اي آءِ کي بجلي ڏيڻ تي ناراض

اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ بِٽ ڪوائن مائننگ ۽ اي آءِ (مصنوعي ذهانت) کي بجلي فراهم ڪرڻ جي معاملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، ذريعن موجب، آءِ ايم ايف حڪومت کان ان ڳالهه تي وضاحت گهري آهي ته انهن سرگرمين لاءِ بجلي جي فراهمي بابت ان کي اعتماد ۾ ڇو نه ورتو ويو؟ آءِ ايم ايف اهو مطالبو ڪيو آهي ته قرض پروگرام ۾ رهندي  حڪومت هر قدم آءِ ايم ايف سان مشاورت سان کڻي، جيئن اعتماد جو ماحول برقرار رهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.