ڪراچي(رپورٽر)عائشا منزل ڀرسان هٿياربندن شهرين کان قرباني جا جانور ۽ رڪشا ڦر ڪري فرار ٿي ويا،علائقي واسين موجب، عائشه منزل ڀرسان پيش آيل واقعي کانپوءِ متاثر ٿيل شهري زارو قطار روئي پيو،پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته هي واقعو گذريل ڏينهن پيش آيو، جنهن جو ايف آءِ آر متاثر ٿيل شهري راشد جي فرياد تي ٿاڻي عزيزآباد ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر جي متن موجب، راشد پنهنجي گهر، ايف سي ايريا ڏانهن 3 دنبن سان گڏ رڪشي تي وڃي رهيو هو، ته ان دوران عائشه منزل ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 هٿياربند جوابدارن کيس روڪيو ۽ ٽيئي دنبن سميت رڪشا ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
-
راولپنڊي ۾ قرباني جا جانور چوري ڪندڙ 3 جوابدار گرفتار
راولپنڊي(م ڊ)راولپنڊي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي قرباني جا جانور چوري ڪندڙ 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدارن وٽان چوري ٿيل 3 بڪرا هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جوابدارن جي استعمال هيٺ ٻه گاڏيون به هٿ آيون آهن، پوليس ٻڌايو ته جوابدارن وٽان 30 هزار رپيا به هٿ آيا آهن، شهري طرفان 15 تي اطلاع ڏني وئي ته 3 ڄڻا گهر جي ٻاهران بيٺل 3 بڪرا چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن، جنهن تي پوليس ناڪابندي ڪري جوابدارن کي بڪرن سميت گرفتار ڪري ورتو.