600 ارب جا نوان ٽئڪس، وي لاگرن، فري لانسرن، ٽڪ ٽاڪرن کان به اوڳاڙين جي تجويز

اسلام آباد(بيورو/ع آ نيوز) حڪومتِ پاڪستان طرفان مالي سال 2025-26 جي بجيٽ ۾ نون ٽيڪسن لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي، جن ۾ فري لانسرن، وي لاگرن ۽ يوٽيوبرن جي آمدني تي ٽيڪس به شامل آهي. اهو قدم لڳ ڀڳ 500 کان 600 ارب رپين جي اضافي ٽيڪس اوڳاڙين لاءِ کنيو پيو وڃي. ٽاپ لائن ريسرچ جي  رپورٽ مطابق حڪومت فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) لاءِ 14.1 کان 14.3 ٽريلين رپيا ريونيو هدف مقرر ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ 16-18 سيڪڙو وڌيڪ هوندو. انهن امڪاني اضافن مان 12 سيڪڙو خودڪار معاشي واڌ (جي ڊي پي 3.6٪ ۽ مهانگائي 7.7٪) جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندو، جڏهن ته باقي 4-5 سيڪڙو لاءِ حڪومت کي 500 کان 600 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻا پوندا. مختلف ادارن حڪومت کي يوٽيوب، ٽڪ ٽاڪ جهڙن پليٽ فارمن تان حاصل ٿيندڙ آمدني تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان (تجويز ڏني آهي ته سوشل ميڊيا آمدني تي 3.5٪ ٽيڪس لڳايو وڃي. رپورٽ موجب، ان قدم سان حڪومت کي لڳ ڀڳ 52.5 ارب رپين جي اضافي آمدني حاصل ٿيڻ جي اميد آهي.حڪومت انهن ماڻهن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، جن جي مهيني پنشن 4 لک رپين کان وڌيڪ آهي، ۽ تجويز آهي ته انهن تي 2.5 کان 5٪ جي وچ ۾ ٽيڪس لڳايو وڃي. رپورٽ موجب، گذريل سال به اهڙي ڪوشش ڪئي وئي هئي، پر هاڻي امڪان آهي ته اهو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو، جنهن سان 20 کان 40 ارب رپيا اضافي حاصل ٿي سگهن ٿا. ڳڻپ کاتي ڪجهه شين تي سيلز ٽيڪس مقرر قيمتن جي بنياد تي لڳائڻ شروع ڪيو آهي، جيئن کنڊ تي 72.22 رپيا في ڪلو جي حساب سان ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو، جڏهن ته مارڪيٽ ۾ قيمت 150 رپيا في ڪلو تائين هئي. ان تبديلي سان 70 کان 80 ارب رپين جي واڌو آمدني متوقع آهي. الٽرا پراسيڊ فوڊ (بسڪٽس، سنيڪس وغيره) تي صحت ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو به امڪان آهي. شروعاتي مرحلي ۾ 20٪ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي وڌائي وڃي ٿي، جيڪا مالي سال 2028-29 تائين 50٪ تائين وٺي.  وڃڻ جو منصوبو آهي. سگريٽ تي به وڌيڪ ٽيڪس لڳڻ جو امڪان آهي. حڪومت فرنس آئل تي به پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوا لاڳو ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، ۽ پيٽرول/ڊيزل تي في ليٽر 5 رپيا واڌ جو به منصوبو آهي، جيڪو ٻن سالن ۾ ڪاربان ٽيڪس طور لاڳو ڪيو ويندو. ان سان 35 کان 80 ارب رپين جي اضافي آمدني جي اميد آهي. آءِ ايم ايف هزارين دڪاندارن تان 295 ارب رپيا گڏ ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. ان لاءِ حڪومت ڊسٽريبيوٽرز تي ايڊوانس ٽيڪس وڌائڻ جو امڪان آهي. ڀاڻ ۽ زهر تي 5٪ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي. فاٽا/پاٽا جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ٿيڻ جو امڪان. زرعي آمدني تي ٽيڪس جو امڪان (صوبائي سطح تي). لگژري شين تي GST ۾ واڌ (موبائل فون، زيور، اوزارن، جهاز، ، ڪاسميٽڪس وغيره).ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي ترقياتي بجيٽ ۾ هڪ هزار ارب رپيا مختص ڪرڻ جو امڪان آهي.. بجيٽ ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (NHA) لاءِ 170 ارب رپيا ۽ پاڻياٺي وسيلن (آبي منصوبن) لاءِ 140 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. تفصيلن موجب، مختلف شعبن جي اهم ترقياتي منصوبن لاءِ وڏي رقم رکڻ جون تجويزون زير غور آهن، جيڪي ايندڙ هفتي منظوري لاءِ پيش ڪيون وينديون. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (NHA): 170 ارب رپيا، پاڻياٺي وسيلن جا منصوبا: 140 ارب رپيا، توانائي شعبي (پاور ڊويزن): 105 ارب رپيا، اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ: 50 ارب رپيا، نئشنل فوڊ سيڪيورٽي: 4 ارب رپيا، صنعت و پيداواري شعبي لاءِ: 3 ارب رپيا، اطلاعات (انفارميشن) شعبي لاءِ: 3 ارب رپيا، سامونڊي معاملن (ميرٽائم امور): 3.5 ارب رپيا، وفاقي ترقياتي بجيٽ جي مجوزه منصوبن جي منظوري لاءِ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي آف دي نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل (ECNEC) جو اجلاس 2 جون تي طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل (NEC) 6 جون تي حتمي منظوري ڏيندي، جنهن ۾ ميڪرو اقتصادي هدفن سميت سمورو ترقياتي پلان منظور ڪيو ويندو. اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال جو ترقياتي بجيٽ ملڪ جي معيشت جي بحالي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، ۽ بنيادي ڍانچي (Infrastructure) جي بهتري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.