ايم اين اي عبداللطيف سميت 11 جوابدارن کي سزا

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي حملي واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي ايم اين اي عبداللطيف،  اڳوڻي ايم پي اي وزير زادا ڪيلاشي سميت 11 ڄڻن کي سزا ٻڌائي ڇڏي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا طرفان ٻڌايل فيصلي موجب، پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن نوَ مئي تي رمنا ٿاڻي تي حملو ڪيو، جتي فائرنگ، پٿراءُ، ۽ پوليس اهلڪارن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، عدالت، عبداللطيف، وزير زادا سميت 11 جوابدارن کي مجموعي طور 15 سال 4 مهينا قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، عدالتي فيصلي موجب، جوابدارن موٽرسائيڪلن کي باهيون ڏنيون ۽ سندن خلاف 24 شاهدن بيان رڪارڊ ڪرايا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.