شھدادڪوٽ ۾ زراعت کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر قتل

شھدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي) شھدادڪوٽ ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري 55 ورهين جي زراعت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عاشق حسين چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول شھدادڪوٽ جي سنگل سيڪشن بوائز هاءِ اسڪول پاڙي جو رهواسي هو، جيڪو زراعت کاتي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هو جيڪو ڊيوٽي  ڪرڻ بعد واپس سرڪاري گاڏي ۾ گهر پئي آيو ته شھدادڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي سامهون واقع ڪلاسڪ بيڪري روڊ وٽ ھٿياربندن گاڏي مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو،.  اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال کڻائي آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو،.  مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو، آخري اطلاعن تائين جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي ۽ نه وري واقعي جو اصل ڪارڻ معلوم ٿي سگهيو هو، شهر ۾ چوٻول آهن ته مقتول جو پنهنجي ئي ذات جي ماڻهن سان سڱاوتي معاملو هلندڙ هيو جن کيس قتل ڪيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.