سکر(رپورٽر) ايگزيڪيوٽو انجنيئر روهڙي ڊويزن مورو پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌو درياهه جي روهڙي ڪئنال سرڪل ۾ پاڻي جي گهٽتائي سبب اندروني وارابندي جو اعلان ڪيو ويو آهي، پڌرائي موجب وارا بندي تحت 50سيڪڙو واهن/چينلز کي پاڻي ڏنو ويندو ۽ پاڻي جي وهڪري ۾ اضافي بعد سمورن واهن/چينلز کي پاڻي ڏنو ويندو، پڌرائي موجب جن واهن /چينلز ۾ 26 مئي 2025 صبح 6 بجي کان 4 جون 2025 صبح 6 بجي تائين پاڻي ڏنو ويندو تن ۾ ديوان مائينر، خانواهڻ مائينر، کوشڪ مائينر، گل مائينر، لنڊو مائينر، هنڱورجا مائينر، گڏيجي مائينر، ڀوگري مائينر، چبر مائينر، گڊو ڊسٽري، ڪوٽڙي مائينر، لاڙڪ مائينر، صالحپور مائينر، درٻيلو ڊسٽري، منجهٿ مائينر، ڏيٿا مائينر، اولڊ ڪيٽي مائينر، ڪنڊيارو مائينر، ڍوڍا مائينر، سيڙهل مائينر، جسڪاني ڊسٽري-1 ۽ مينگلو مائينر شامل آهن. . جڏهن ته پڌرائي ۾ جن واهن/چينلز ۾ 4 جون 2025 صبح 6 بجي کان 13 جون 2025 صبح 6 بجي تائين پاڻي ڇڏيو ويندو، تن ۾ جتوئي مائينر، بکري مائينر، موريا مائينر، مهيسر مائينر، خارڪ مائينر، نئو آباد ڊسٽري، خدا بخش مائينر، سعيد مائينر، ڍينگو مائينر، پهنواري مائينر، پڊ مائينر، نيو ڪيٽي مائينر، ڊاليپوٽا، ٺٽا مائينر، ليٽ مائينر، عابجي مائينر شامل آهن۔ پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو اهي ته اهي چينل/ مائينر جن ۾ 2 جون 2025 کان 10 جون 2025 تائين پاڻي ڇڏيو ويندو، تن ۾ لنڊڪي ڊسٽري، گاچيرو مائينر، دارس ۽ نيٿر ڏيٿا ڊسٽري شامل آهن.