اسلام آباد (م ڊ)وفاقي حڪومت عيدالاضحيٰ جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم شهباز شريف عيدالاضحيٰ جي موقعي تي چار ڏينهن جي موڪل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن موجب سڄي ملڪ ۾ جمعي ڏينهن 6 جون کان سومر ڏينهن 9 جون تائين موڪل هوندي، موڪلن دوران هڙئي سرڪاري، خانگي آفيسون، تعليمي ادارا ۽ بئنڪون بند رهنديون.